پاريش راول وري هيرا ڦيري ڪرڻ اسڪرين تي ڪڏهن ايندو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ڪاميڊي فلم هيرا ڦيري کي پسند ڪندڙن لاءِ نيٺ سٺي خبر سامهون اچي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اڪشي ڪمار، سنيل شيٽي ۽ پاريش راول جي شاندار اداڪاري ۽ ڪاميڊي سان ڀرپور فلم هيرا ڦيري جو ٽيون پارٽ بڻجڻ وارو آهي.

فلم هيرا ڦيري سيريز جي پروڊيوسر فيروز ناڊياڊوالا ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته جلد مداح هيرا ڦيري ٿري وڏي پردي تي ڏسندا.

فلم ۾ اڪشي ڪمار، سنيل شيٽي ۽ پاريش راول ئي جوهر ڏيکاريندا.

هن ٻڌايو ته هو فلم تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ماضي جي ڪاميابين کي معمولي نٿو سمجهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.