راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر ) موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.