سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  سنڌهاءِڪورٽ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊون شيڊول موجب ئي ٿينديون، جڏهن ته ايم ڪيو جي وڪيل بيرسٽر فروغ نسيم هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

جسٽس محمد جنيد غفار جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ جي روبرو سنڌ بلدياتي اليڪشن بابت ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي سميت ٻين سياسي پارٽين جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران بيرسٽر فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جو بيان چٽن بنيادن تي ٻڌل ناهي، اهو جواب  رسمي طور جمع ڪرايو ويو آهي، هنيئر تائين چونڊ لسٽون مڪمل ناهن ٿيون، پر اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي، چونڊ لسٽون 12 آگسٽ تي مڪمل ٿينديون، ان کان پهريان چونڊ عمل شروع ئي نه ٿيڻ گهرجي.

جماعت اسلامي جي وڪيل چوڌري آصف ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ مقامي حڪومتن جي ادارن کي الڳ فنڊ جاري ڪرڻ ۽ بلدياتي ادارن کي بااختيار بڻائڻ جو حڪم ڏنو هو.

جنهن تي جسٽس جنيد غفار رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن،جماعت اسلامي جي وڪيل دليل ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ پهريان قانوسازي ڪرائڻ ۽ بعد ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، ان نموني چونڊون ڪرايون ويون ته بلدياتي حڪومت ڪمزور ترين تصور ڪئي ويندي.

درخواستن جي ٻڌڻي دوران الڪيشن ڪميشن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سموريون غلطيون الڪيشن ڪميشن ناهي ڪندي، الڪيشن ڪميشن ۾ غلط معلومات داخل ڪرائڻ سبب ڪجهه خاميون رهجي وينديون آهن، سمورين شين جو جائزو وٺي خامين کي ختم ڪيو ويندو آهي، ووٽرن جي غيرحمتي لسٽ 2023ع جي عام چونڊن  تيار ڪئي پئي وڃي، بلدياتي چونڊن جي ووٽر لسٽ منجمد ڪئي وئي آهي، اعتراضن بعد به فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڊسپلي تي غيرحتمي ووٽر لسٽ ئي رکي ويندي.

جسٽس محمد جنيد چيو ته 120 ڏينهن ۾ مڪاني چونڊون ڇو نه ڪرايون ويون؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل وڪيل جواب ۾ دليل ڏيندي چيو ته تڪ بندين سبب چونڊن ۾ دير ٿي آهي، سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ بلدياتي چونڊون 26 جون تي رٿيل آهن ۽ صوبي ۾ 27 هزار اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ 50ڪروڙ  رپيا خرچ ڪيا آهن.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل ڏيندي وڌيڪ چيو ته ٻئي مرحلي جي چونڊن جو تياريون به مڪمل آهن، ڪو به ووٽر تڪ بندين کي چيلينج ڪري سگهي ٿو، سڄي سنڌ۾ رڳو 2سيڪڙو تڪ بندين خلاف اعتراض سامهون آيا آهن، تڪ بندين خلاف ڪجهه درخواستون ٻڌڻي هيٺ به آهن.

سنڌ حڪومت سنڌ حڪومت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ چونڊون ڪرائڻ ۽ مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ جو حڪم ڏنو، اسيمبلي سليڪٽ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني، ايم ڪيو ايم سميت سمورين پارٽين چونڊون ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني، طئي ڪيو ويو ته سموريون تجويزون عدالت جي سامهون رکيو وينديون، سنڌ حڪومت معاملو عدالت تي ڇڏي ڏنو آهي، عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي اهو قبول ڪنداسين.

عدالت سمورين ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ بلدياتي چونڊن ملتوي ڪرائڻ بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون شيڊول موجب ئي ٿينديون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم سان رابطو ڪنداسين: فروغ نسيم/ شميم نقوي  

ٻئي پاسي اڳوڻي قانون واري وزير بيرسٽر فروغ نسيم هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اشارو ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر فروع نسيم چيو ته فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪنداسين.

پي ٽي آءِ ايم پي اي فردوس شميم نقوي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪنداسين، هن چيو ته سپريم ڪورٽ فيبروري ۾ فيصلو ٻڌايو  هو جنهن تي سنڌ حڪومت قانونسازي ناهي ڪئي، هاڻي جون هلي رهيو آهي هن وقت تائين قانوسازي ٿي وڃي، پر پيپلز پارٽي وفاق ۾ ” لوٽا “ هٿ ڪرڻ ۾ مصروف هئي ته پوءِ قانوسازي ڪيئن ٿئي ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.