سنڌ ۾ ون يونٽ کان وڌيڪ خراب حالتون آهن، حق حڪمراني لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي

ڪراچي (رپورٽ: غلام مهدي بلوچ) سياسي سماجي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ڌارين جي يلغار هيٺ آهي، اڄ به ون يونٽ کان وڌيڪ خراب حالتون آهن، سنڌين کي حڪمراني جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ ايجنڊا رکي جدوجهد  ڪرڻي پوندي. دي انٽيليڪچوئل فورم پاران ون يونٽ جي خاتمي جي گولڊن جوبلي عنوان هيٺ ڪراچي پريس ڪلب ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي صدارت ڏي انٽيليڪچوئل فورم جي چيئرمين مسعود نوراني ڪئي، سيمينار ۾ سيد غلام شاھ، امان ﷲ شيخ، عبدالخالق جوڻيجو، پروفيسر اعجاز قريشي، مھتاب اڪبر راشدي، نديم اختر، عبدالوهاب بلوچ ،سجاد احمد چانڊيو، اي بي لاشاري ۽ غلام اڪبر ملڪ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻ عبدالوهاب بلوچ چيو ته 1954 ۽ 1955 کان 1970 تائين جي دور ۾ ون يونٽ جا ٻه رخ هئا، جنهن ۾ هڪ پهلو اهو هيو ته سڀ پاڪستاني هجن. ڊي ايڇ اي، بحريا ٽائون ۽ اي ايس ايف سٽي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا آهن. سنڌ پاڪستان سان رهڻ جو اهو مقصد ناهي ته اسين سنڌ جي وسيلن ۽ ايندڙ نسلن تي سودو ڪيون. قوم پرست دانشور امان ﷲ شيخ چيو ته گذريل 50 سالن ۾ اسان جيڪو ڪيو آهي ان کي مد نظر رکندي ڏسجي ته اسين 21 هين صديءَ ۾ رهون ٿا، هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته ڇا ڪجي، اسين رڳو شام غريبان پڙهڻ جا هوشيار آهيون. جيئن ئي ون يونٽ ٽٽو ته اسان کي وڏو نقصان پهتو، اسان کان بنگلاديش الڳ ٿي ويو هن چيو ته هڪ خوبي اها آهي ته اسان جي ٻولي، ڌرتي ۽ ڪلچر سنڌين کي مٿي کنيون بيٺا آهن. هن چيو ته اسان سنڌي پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڀائيوار آهيون، اسين هزارين سالن کان آهيون، پاڪستان ڪالھ ٺهيو آهي. هي ملڪ آء ايم ايف وٽ گروي ٿي چڪو آهي. اسان سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرايو جيڪا اسان جي ايجنڊا هئي، هاڻي سنڌ جي حق حڪمراني ايجنڊا آهي. سڄي دنيا ۾ ڌارين کي ورڪ پرمٽ ملندي آهي شهريت ناهي ملندي پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ننڌڻڪي ٿي وئي آهي. اسان کي ڌارين کي صرف ورڪ پرمٽ تائين محدود رکي حڪمراني جو حق سنڌين وٽ هجڻ جي ايجنڊا رکي تحريڪ هلائڻي پوندي. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته ون يونٽ ۾ سنڌ جي جوانن جدوجهد ڪئي. لاهور ۾ شيخ مجيب الرحمان چيو هو ته توهان کي سنڌ واپس ملندي ۽ مان ڏياريندس. هن چيو ته 1947 ۾ سنڌ پاڪستان جو امير ترين صوبو هيو، پر هاڻي غريب ترين صوبو آهي. هن چيو ته جهڙي ترقي ٿيڻ گهرجي ها اها نه ٿي سگهي آهي، اسڪول ته آهن پر پڙهائڻ وارا ناهن. جيئي سنڌ محاذ چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو ته ون يونٽ جي جدوجهد ڪنهن هڪ پارٽي جي نه هئي پر سڄي قوم جي هئي. پاڪستان ۾ سنڌ جي تاريخ سنڌ جي سورن جي آهي. سنڌ پنهنجي گادي جو هنڌ پنجاب کي ڏنو بدلي ۾ اسان کي چيو ويو ته ڪراچي سنڌين جي ناهي. پاڪستان ۾ روز غداري جا سرٽيفڪيٽ نڪرڻ ٿا، منهنجي خيال ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي غداري ملڪ جي حڪمرانن ڪئي. سنڌ کي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ مڊل ڪلاس ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو. ون يونٽ قانوني طور ٽٽي ويو آهي پر عملي طور ناهي ٽٽو. 1973 جو آئين سنڌ کي حق ڏيڻ جو نه پر حق کسڻ جو آئين آهي. 1973 جي آئين سنڌ جا وسيلا کسي وفاق کي ڏنا.  ڪشمير واري مسئلي تي واھ واھ سنڌ جي مسئلي کي غلط ڇو ٿو چيو وڃي. سگا چيئرمين ۽ اڳوڻي ايم پي اي مھتاب اڪبر راشدي چيو ته جيڪا شيء رهڻي آهي اها تبديلي آهي، نظريا ۽ سوچ وقت کي ڏسي تبديل ڪرڻا پوندا. مارشل لا جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جرنل ٽڪا اچي چيو ته سنڌي ڪير پڙهندو؟ اسان جا ٻار سنڌي نه پر اردو پڙهندا ته پوءِ سنڌي اٿي بيٺا. اسان جي مڊل ڪلاس کي رڳو پنهنجي پرواه آهي، اڄ ڪلھ مڊل ڪلاس جي سوچ صرف ان تي آهي ته فلاڻي جڳھ تي پهچڻو آهي. اسان پاڻ کي ته جاچيون ئي نه ٿا، هڪ لک پگهار کڻندڙ استاد ڇو نه ٿو پڙهائي. جيڪڏهن تبديلي آڻڻي آهي ته پاڻ کان شروع ڪرڻي پوندي. مان جڏهن سيڪريٽري ايجوڪيشن هيس ته ورلڊ بينڪ طرفان هڪ پروجيڪٽ آيو جنهن ۾ 40 هزار اسڪول تعمير ٿيا، ته جواب مليو ته استادن جا خرچ پورا نه ڪري سگهندا سين. جهڙي حساب سان دنيا بدلجي ٿي ته اسان کي هاڻي پنجاھ نه پر هڪ سئو سال اڳتي سوچڻو پوندو. ٻولي، وسيلن ۽ زمين تي اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٿي هلڻو پوندو. جنهن ملڪ ۾ جج ۽ جرنيل هڪ ڏينهن رٽائر ٿين ۽ ٻئي ڏينهن ٻاهرين ملڪ هجي ته پوءِ اسٽيڪ ڪير وٺندو ۽ قوم اڳتي ڪيئن وڌندي. مظهر راهوجي چيو ته جڏهن پاڪستان ٺهيو ان کان وٺي اڄ تائين، پنجاب جي شهرن ۾ پنجابي، ڪي پي ۾ به انهن جي قوم جا ماڻهو آهن پر ڪراچي اڄ به سنڌين جي ناهي رهي. سيد غلام شاهه چيو ته ون يونٽ هڪ مائينڊ سيٽ آهي، 1843 ۾ اسان جي ملڪي حيثيت ختم ڪئي وئي، پوءِ 1947 ۾ صوبائي حيثيت ڏني وئي، پر 1955 ۾ جيڪو سنڌ سان ظلم ٿيو ان ۾ سنڌ جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيو. اڄ ڪنهن نه صورت ۾ اسان وٽ صوبو موجود آهي. اسان کي ڏسڻو پوندو ته اڄ صوبو ون يونٽ آهي. ملڪ ۾ مذهبي سياست کي ختم ڪرڻو پوندو، پاڙيسري ملڪن سان بهتر تعلق رکڻو پوندو ۽ يونٽن کي مضبوط ڪرڻو پوندو.مسعود نوراني چيو ته  اسان جا حوصلا بلند آهن، اڃا وڌيڪ ڪم ڪنداسين. مان چاهيان ٿو ته هڪ دفعو ٻيهر اشو کڻون. اها اڳ ئي اڳڪٿي ٿي وئي هئي ته وسيلن تي قبضو، ڌارين جي آبادي ۽ ٻيا مسئلا ٿيندا. سنڌ نه هجي ها ته پاڪستان نه هلي سگهي ها، موجوده ملڪي معاشي صورتحال سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ جو سبب آهي. پاڪستان ٺهڻ کان وقت هن مهل تائين اسيمبلين ۾ رڳو زميندار ويٺل آهن. ستر سالن کان ساڳيا مطالبا ٻڌندا پيا اچون، پر هاڻي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.