اسٽيبلشمينٽ اسان جي حڪومت نه بچائي: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار آهي،فوج پاران پي ٽي آءِ حڪومت ڪيرائڻ واري سوال تي هن چيو ته  اسان جي حڪومت اسٽيبلشمينٽ نه بچائي، آرمي آمريڪي سازش ۾ شريڪ نه هوندي، هم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته 64 سيڪڙو عوام اليڪشن جو مطالبو ڪري رهيو آهي، پنجاب ۾ انهن تماشو لڳايو آهي، ملڪ جي سياسي حقيقت تبديل ٿيندي رهندي آهي، ڇا توهان پاڪستان کي مريم ۽ بلاول جي حوالي ڪرڻ چاهيو ٿا، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي جيڪا مهم هلي رهي آهي ان ۾ اسان جو هٿ ناهي،نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ جنرل نديم ۽ جنرل سرفراز جو نالو به هو، ان تي به تڪرار نه ٿيڻ گهرجي ها، پر اسان کان به غلطيون ٿي وينديون هيون، فوج کي پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ن ليگ ادارن تي تنقيد ڪندي آهي جڏهن اين آر او ملندو آهي ته تبديل ٿي ويندي آهي، عوام جي اڪثريت اڃا به عمران خان سان گڏ آهي،اسٽيبلشمينٽ سان اسان پاران ڪو نه ڪو ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اسان رڳو چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ جلد شفاف چونڊون ٿين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.