ڪراچي ۾ اختيار سوڍر جي کنڀجڻ خلاف احتجاج، ڀاڻس روئي ويٺو

ڪراچي( رپورٽر) جبري طور لاپتا ڪيل قانون جي شاگرد اختيار سوڍر جي بازيابي لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج, نعره بازي, سندس وڏو ڀاءُ ڳوڙھا ھاري ويٺو. ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل قانون جي شاگرد اختيار سوڍر جي بازيابي لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ سيد جلال شاه بخاري, عرض محمد لھر ۽ ڄام آڪاش ديدڙ جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ۾ اختيار سوڍر جي وڏي ڀاءُ سميت سندس گھر ڀاتين شرڪت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اختيار سوڍر جو وڏي ڀاءُ ڳوڙھا ڳاڙي ويٺو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مرڪزي اڳواڻ سيد جلال شاه بخاري, سياف اڳواڻ عرض محمد لھر, ڄام آڪاش ديدڙ سميت سنڌ سڄاڳي فورم جي اڳواڻ سارنگ جويو, پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو اڳواڻ ورثا پيرزادو, پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن اڳواڻ وجاھت حسين ۽ ٻين چيو ته اختيار پرامن قانون جو شاگرد آھي کيس ڄامشورو مان غيرقانوني طور کنڀي گم ڪيو ويو آهي جيڪو غير انساني عمل آهي.ھنن اختيار سميت سمورن کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي جي گھر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.