مڊل ڪلاس ختم ٿي رهيو آهي،پي ايف سي کان بغير اين ايف سي ايوارڊ جو فائدو ناهي: قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقريرون

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي عام بحث ڪالهه خميس ڏينهن به جاري رهيو جڏهن ته ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل اڄ جمعي ڏينهن بجيٽ تي جاري بحث سهيڙيندو  مسلم ليگ (ن) جي ميمبر رشيد اڪبر خان چيو ته 2018ع ۾ عوام جي ووٽن تي ڌاڙو هنيو ويو. پ پ  جي ميمبر آغا رفيع الله چيو ته بجيٽ ۾ عوام جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، ان جو فيصلو عوام ڪندي. گذريل حڪومت کي هٽائڻ جو فيصلو پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳائڻ جي برابر هو. اسان سڀ سياسي اختلاف وساري پاڪستان رياست جي لاءِ گڏ ٿياسين، منهنجي خواهش آهي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر هن ايوان ۾ اچن،هن چيو ته  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ڪڍيل مستحق ماڻهن کي بحال ڪيو وڃي، ڪوسٽل ايريا جي ماهيگيرن کي به هن پروگرام جو حصو بڻايو وڃي. ن ليگ جي ميمبر ڊاڪٽر درشن چيو ته  گهوٽڪي جي عوام کي انٽرچينج ڏيڻ تي وزيراعظم ۽ مواصلات واري وزير جا ٿورائتا آهيون  سنڌ صوبي ۾ پاڻي جو وڏو مسئلو آهي، وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته اتي ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي. هن چيو ته منهنجي تڪ کي گئس ڏني وڃي. ن ليگ جي ڊاڪٽر مختار احمد چيو ته . جيستائين وزيراعظم جي ويزن موجب ميثاق معيشت تي اتفاق راءِ نه ٿو ٿئي ان وقت تائين ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام نه ايندو. هن چيو ته سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ انٽرنل آڊٽ ٿيڻ گهرجي هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ ڪيترن ئي قدمن جي ضرورت آهي ڊاڪٽر فهميده مرزا بجيت تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته ٽي ٽي پي سان ڳالهين تي پارليامينٽ کي ان ڪئميره بريفنگ ڏني وڃي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته اقتصادي سروي ۾ انگ اکر جدا ۽ بجيٽ دستاويزن ۾ جدا آهن. ٽيڪسن جي انگن اکرن موجب 422 ارب جا اضافي ٽيڪس هنيا پيا وڃن، اهڙي طرح اڻسڌن ٽيڪسن، پيٽروليم ليوي ۽ پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس هڻڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. ان قدم سان مڊل ڪلاس ختم ٿي رهيو آهي. ايف بي آر ۾ سڌارن جو عمل جاري رکڻ گهرجي ،هن چيو ته پي ايف سي کان بغير اين ايف سي ايوارڊ جو ڪو به فائدو ناهي، نه ته پئسو انهن جي کيسن ۾ ويندو رهندو، هن چيو ته اڄ رياست اندر رياست بڻيل آهي، ملڪي مفاد لاءِ نئين چارٽر آف ڊيموڪريسي جي ضرورت آهي، ملڪ کي جهڙي طرح وٺي وڃي رهيا آهيو، اهو تمام خطرناڪ هوندو جڏهن ته دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير سردار اسرار خان ترين چيو آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون پاڪستان جي آئين موجب ٿينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.