اوٻاوڙو ۾ مهمان ناري سان مبينا اجتماعي لڄالٽ، جوابدار ڪمري ۾ واڙي فرار

اوٻاوڙو (رپورٽ : بشير احمد ملڪ ) اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ چوڪ ماڙي ۾ چاليهي جي خيرات تي صادق آباد پنجاب کان مهمان ٿي آيل پرڻيل 19 سالن جي ناري کي ٻن جوابدارن مبينا طور تشدد ڪري لڄالٽ جو نشانو، جنهن بعد ناري جي وارثن اوٻاوڙو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي، پوليس ناري جي وارثن کي ميڍيڪل ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪري ڇڏيو، جتي اسپتال اندر ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري ناري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ڏهرڪي جي اسپتال ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو، جتي متاثر ناري جي وارث منير موساڻي دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن ويجهي مائٽ جي چاليهي جي خيرات تي اسين صادق آباد کان مهمان ٿي آيا هئاسين جتي ٻن جوابدارن محمّد نواز عرف خيرو ۽ نادر رند پاران ناري صبا ۽ سندس مڙس کي چانهه جي دعوت تي پنهنجي گهر وٺي ويا جنهن بعد ٻنهي جوابدارن ناري کي  تشدد ڪرڻ بعد ناري کي زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن بعد کيس ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، متاثر ناري جي وارث اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.