دعا وري مڙس جي حق ۾ بيان ڏئي ته عدالت ڇا ڪندي؟ سپريم ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس سجاد علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ دعا زهريٰ جي بازيابي بابت درخواست اڪلائيندي چيو آهي ته دعا زهريٰ اغوا ڪيس سُپريم ڪورٽ جي اختيارِي دائري ۾ نٿو اچي.عدالت جو چوڻ ھو تھ ميڊيڪل بورڊ جي قيام لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري سگهجي ٿو، ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته شادي جي معاملي کي فيملي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو آهي، دعا زهريٰ به هاءِ ڪورٽ ۽ مئجسٽريٽ اڳيان پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن، جسٽس سجادعلي شاهه چيو ته اوهان ٻڌايو ته ڌي سان ملاقات ڪرائي وئي، مهدي ڪاظمي چيو ته صرف 5منٽ ملاقات ڪرائي وئي، ملاقات جي وقت پوليس آفيسر موجود هئا، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ميڊيڪل عدالت جي حڪم تي ٿيو، مهدي ڪاظمي چيو ته ميڊيڪل ٿيو پر ميڊيڪل بورڊ نه ٺاهيو ويو، جسٽس منيب اختر چيو ته اوهان هاءِ ڪورٽ کان استدعا ڪئي هئي، مهدي ڪاظمي چيو ته ڌي کي گهرايو وڃي، جسٽس سجادعلي شاهه جو چوڻ آهي ته عدالت دعا زهريٰ کي گهرائي بيان رڪارڊ ڪيو، اوهان جي استدعا پوري ٿي وئي، جسٽس محمد علي مظهر چيو اوهان ميڊيڪل رپورٽ کي چئلينج ڪيو آهي، جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته جڏهن ڇوڪري پاڻ چئي رهي آهي ته مان پنهنجي مرضي وئي آهيان، مون کي اغوا نه ڪيو ويو آهي ته پوءِ ڳالهه ختم ٿي وئي ، دعا وري بيان ڏئي ته مڙس سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي ته پوءِ عدالت ڇا ڪندي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.