شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قاتل جا ڊراما

گلشن اقبال (ن ع آ) شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه جا ڊراما، ڪورٽ ۾ ويل چيئر تي ۽ بيمار هجڻ جي اداڪاري، جڏهن تـ  لياقت نيشنل اسپتال توڙي ٻين  جاين تي تندرست گهمندي ڏٺو ويو، وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل،وارثن توڙي سنڌ واسين ۾ سخت تاءُ پکڙيل، شهيد ارشاد رانجهاڻي کي سرعام ڦورو ڄاڻائي بيگناهـ گوليون هڻي شهيد ڪندڙ رحيم شاهـ عدالت توڙي ماڻهن کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهي،سندس خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، وارثن جي ميڊيا سان ڳالهـ ٻولهـ رپورٽ موجب شهيد ارشاد رانجهاڻي کي سرعام گولين هڻي قتل ڪندڙ رحيم شاهـ عدالت ۾ پيشي وقت پاڻ کي ويل چيئر تي کڻائي اچي ٿو،۽ بيمار هجڻ جي اداڪاري ڪري ٿو، پر دراصل ائين ناهي، هو ڪيترين ئي جڳهن تي  تندرست گهمندي ڦرندي ڏٺو ويو آهي جنهن جون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل آهن، اهڙي صورتحال بعد وارثن شهيد ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ   اياز رانجهاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو شهيد ارشاد رانجهاڻي جو قاتل رحيم شاه جڏهن بـ ڪورٽ ۾ حاضريءَ تي اچي ٿو تـ پاڻ کي ويل چيئر تي کڻائي اچي ٿو ۽ بيمار هجڻ جا بهانا ڪري ٿو ، پر ان جي ابتڙ هو بلڪل صحتمند آهي ۽ ڪيترائي دفعا گهمندي ڦرندي ڏٺو ويو آهي،جنهن جا وڊيوز موجود آهن، هنن  وڌيڪ چيو تـ شهيد ارشاد رانجهاڻي کي سرعام ڦورو ڄاڻائي بيگناهـ گوليون هڻي شهيد ڪندڙ رحيم شاهـ عدالت توڙي ماڻهن کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهي، سندس خلاف سخت ڪارروائي ڪري عوام توڙي وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.