حيدرآباد ۾ پيرسن جو پٽ ۽ ننهن جي اغوا خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) وارهه جي رهواسي پيرسن خان محمد چانڊيو گهر واري سان گڏ پٽ ۽ ننهن جي مبينا اغوا خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن چيو ته سندس پٽ فدا چانڊيو 4 اپريل 2022ع تي فرزانه نالي ڇوڪري سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن بعد ڇوڪري جا مائٽ ڌمڪائيندا  رهندا هيا، جڏهن ته 10 کان 12 ڏينهن گذرڻ باوجود پٽ فدا ۽ ننهن فرزانه جو ڪو پتو ناهي ته هو ڪٿي آهن کين شڪ آهي ته ڇوڪري جي مائٽن پاران پٽ  ننهن اغوا ڪري قتل نه ڪيوويو هجي. هن چيو ته ننهن فرزانه جا مائٽ ڪالهه رات سندن جي گهر تي چڙهائي ڪري کين موتمار ڌمڪيون ڏئي ويا آهن هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.