خانپور مهر مان اغوا ٿيل نوجوان گهر پهچي ويو

خانپور مھر (  ن ع آ ) خانپور مهر جو رھواسي نوجوان آزاد علي گبول عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي جي علائقي ۾ اغوا ٿي ويو هو ۽ ڪچي جي  ڌاڙيلن آزاد علي گبول جي بازيابي لاءِ وارثن کان 20 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو هو پر مغوي جا وارث غريب ھئا، اڄ مغوي آزاد علي گبول راڄوڻي تحت بازياب ٿي ڪري گھر پهچي ويو آهي، آزاد علي گبول ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان نھايت ئي شڪر گذار آهيان  سردار علي گوهر خان مھر،سردار شھريار خان شر سميت گبول برادري ۽ خانپور مهر جي صحافين جو جن منهنجي بازيابي لاءِ آواز اٿاريو، اڄ سردارن ۽ صحافين جي ڪوششن جي ڪري ڌاڙيلن کان بازياب ٿي ڪري پنهنجي گهر ٻچن وٽ پهچي چڪو آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.