بدر ابڙي جي ڪتابَ ” سنڌوءَ جو سفر“ جو مختصر جائزو

تحرير: اڀياس ڪار امين جويو

هي ڪتاب 1989ع  ۾ ٿيل انڊس ايڪسپيڊيشن ( سنڌو درياهه تي ڪيل مُهم جُوئي ) تي لکيل آهي. ڪتابَ جو ليکڪ بدر ابڙو پنهنجي پاران لکيل لفظن ۾ چئي ٿو ته؛ ” سنڌو مُهم ته ٽِن هفتن ۾ پوري ٿي وئي.. ، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته لکندڙُ ، لکڻ واري عرصي ۾ وقت ۽ ڏوڪڙن سان گڏ ٻيو ڇا ڇا وڃائي چُڪو آهي!“  انهن ٿورڙن لفظن ۾ ليکڪَ جي ڏُکن ۽ سورن جو اندازو چڱيءَ طرح سان لڳائي سگهجي ٿو ، جيڪي هُن انهيءَ سفر دوران ۽ پوءِ سَٺا…

هي ڪتاب بظاهر ته رڳو هڪ سفرنامو آهي ، جيڪو 03 نومبر 1989ع کان ڪابل نديءَ وٽان شروع ٿيو ۽ 24 نومبر 1989ع تي ڪراچيءَ ۾ اسٽيل مِل جي جيٽيءَ سامهون ختم ٿيو. پر اصل ۾ ليکڪ هن ڪتابَ ۾ شامل هر هڪ موضوع سان نڀايو آهي ۽ پڙهندڙ کي سنڌو درياهه بابت هر هنڌ پيرائتي ڄاڻ ڏني آهي. سنڌو ندي ڪٿان کان شروع ٿئي ٿي ؟ سنڌو طاس معاهدو ڇا آهي ۽ اهو ڪڏهن ٿيو ، رِگ ويد ۾ سنڌو نديءَ جو ذڪر ڪهڙن اشلوڪن ۾ ٿيل آهي ، سڪندر جڏهن سنڌو نديءَ ذريعي سفر ڪيو هو ، تڏهن هن کي ڪهڙا مسئلا پيش آيا ، انهن سڀني ڳالهين سان گڏ ليکڪَ اسڪائيليڪس جي سنڌو نديءَ واري سفر جي پڻ ڳالهه ڪئي آهي. هن ڪتابَ ۾ بدر ابڙي جا احساسَ ۽ لطيف جذبا چوٽَ تي چڙهيل آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ ليکڪ ٻيڙين تي نه پر پنهنجي سِر پاڻ سنڌوءَ ۾ تَري تُڙڳي هي سفر ڪيو آهي. سفر جو سمورو احوال پڙهڻ کان پوءِ آئون هن نتيجي تي پهتو آهيان ته ان سڄي سفر دوران ليکڪ ۽ سموري ٽيم جو سِرُ تريءَ تي هو .. ٻه ٽي دفعا ته هو مَرندي مَرندي بچيا .. هڪڙي هنڌ سندن ٻيڙي اونڌي ٿي پئي ۽ ٻئي هنڌ وري ڌاڙيلن جي انڌا ڌُنڌ فائرنگ جي وَر چڙهڻ کان بچي ويا ! هن ڪتابَ  ۾ ليکڪَ جا عنوان به ڏاڍا ڍولائتا آهن؛ مثال طور صفحي نمبر ٽيتاليهين تي لکيل آهي ته؛  ( آديسي اڄ مَرُ ! سُڀان مَري سَڀڪو!).

اَول ته هو پنهنجي نوڪريءَ کي داوَ تي لڳائي هن سفر لاءِ اُسهيا ، ٻيو وري هن سفر جي شروعات مهل بدر ابڙو ۽ انور پيرزادو ڪراچيءَ منجهان اسلام آباد وڃڻ لاءِ جنهن هوائي جهاز ۾ چڙهيا ، اهو اُڏامندي ئي خراب ٿي پيو ۽ ان جي هڪ حصي کي باهه به لڳي وئي ! پر خوشقسمتيءَ سان جهاز بچي ويو ۽ اُمالڪ واپس ڪراچي  وَريو. ڪجهه ڪلاڪن جي وِٿيءَ کان پوءِ ساڳئي جهاز کي مَرمت ڪري ٺيڪ ڪيو ويو ۽ جڏهن جهاز ٻيهر اُڏامَ ڀَرڻ لاءِ تيار ٿيو ته اڌ مسافر جهاز ۾ئي ڪو نه چڙهيا ، پر ليکڪ ۽ انور پيرزادو وري به چڙهي پيا ! ۽ وقت تي اسلام آباد پهتا. ڇو ته پروگرام موجب ٻئي ڏينهن ڪابل نديءَ جي ڪنڌيءَ  تان ٻيڙين ذريعي سفر جي شروعات ٿيڻي هئي . هن مُهم ۾ پندرهن ماڻهو شامل هئا ۽ ٽيم جي مَهنداري ڊاڪٽر ڪليم لاشاري ڪري رهيو هو. سنڌو مُهم ۾ رَٻڙَ جون ٻه ٻيڙيون ، هڪ جيپ ۽ هڪ پِڪ اَپ گاڏي شامل هئي . هڪڙي ٻيڙي جو نالو نُوري ۽ ٻِي ٻيڙيءَ جو نالو مورڙو رکيو ويو. ٽيم جا اڌ ماڻهو ٻيڙين ۾ سوار ٿي درياهه ذريعي سفر ڪرڻ لڳا … ته اڌ وري گاڏين تي سوار ٿي سنڌوءَ جي ڪنارن جو اڀياس ڪندا آيا.

ليکڪ بدر ابڙي نه رڳو سنڌوءَ جي وهڪري ، جاگرافيءَ ، موسمَ ، گَهٽن گهيڙن ۽ تورايخ جو ذڪر ڪيو آهي پر هُن سنڌوءَ ڪناري رهندڙ ماڻهن جي اينٿروپالاجي ( علم الانسان ) تي پڻ کوجنا ڪئي آهي. سفر جي هر هڪ تاريخ جو احوال باقائدگيءَ سان ڊائريءَ واري نموني درج ٿيل آهي ۽ جتي جتي هو راتڙي رهيا آهن؛  اُتان جو ۽ اوسي پاسي جو احوال به اوريو اٿس . ليکڪَ سنڌوءَ جي سفر دوران هنن اهم علائقن ۽ گَهٽن گهيڙن جو ذڪر ڪيو آهي ؛ ( اَٽڪ ، پوٺوهار ، خوشحال ڳڙهه ، سنڌوءَ جا خوفناڪ لنگهَه ، گهوڙا تڙپ ، سُوڪڙيان ، مَکڊ شريف ، ڪالا باغ ، چَشمه ، ڪِيل بستي ، دَراڙو ، بَلوٽ شريف ، جِهلم ، ڪَلورڪوٽ ، درياهه خان ، ديرو اسماعيل خان ، ڪَروڙ شريف ، لَيه ، تونسه بئراج ، ديرو غازي خان ، ڄام پور ، سَتلج ، گهاڙي والا ، مِٺڻ ڪوٽ ، ڪشمور ، گُڊو بئراج ، ماڇڪو ، ڪنڌ ڪوٽ ، ماٿيلو ، شڪارپور ، سکر ، ساڌ ٻيلو ، ستين جو آستان ، روهڙي ، لئنڊسڊائون پُل ، ايوب پُل ، خيرپور ، لاڙڪاڻو ، سيوهڻ ، لڪي ، آمري ، ڄامشورو ، ڪوٽڙي ، جِهرڪَ ، ڪينجهر ، ٺٽو ، ڪيٽي بندر ۽ سنڌ جا ڊيلٽا وارا ڪجهه ٻيا علائقا ).

هن مُهم جي پُڄاڻي ڪراچيءَ ۾ ٿئي ٿي جتي هن ٽيم جو آڌرڀاءُ ڪيو وڃي ٿو ۽ هن ڪتابَ جي صفحي نمبر پنج سئو ٽيويهه تي ليکڪُ ۽ ٽيم جا ٻيا ميمبر هن مُهم بابت پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن ٿا جيڪو ڏاڍو دلچسپ ۽ پڙهڻ جوڳو آهي . هن سفر جو انتظام سنڌ جي ثقافت کاتي ،  خانگي ڪمپنين ۽ ڪجهه ٻين فردن ڪيو. اهو محترمه بينظير ڀٽو جو حڪومتي دور هو ۽ ان وقت سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري محترمه مهتاب اڪبر راشدي هئي.

هن ڪتابَ ۾ سنڌو درياهَه سان لاڳاپيل موضوع ۽ مَواد ته ڏاڍو زبردست ۽ لاڀائتو آهي ، پر سنڌ جي قديم آثارن ، چوڪُنڊي قبرن ، کيرٿر جي غارن ۽ گبربندن ، رني ڪوٽَ ۽ ڪجهه درگاهن تي ڇپيل مواد هن ڪتابَ جي موضوع سان ٺَهڪي نه ٿو بيهي ۽ ٻيو ته ، اِهو ساڳيو مَواد ۽ ساڳيا موضوع اڳتي هلي ليکڪَ ٻين ڪتابن ۾ به ڇَپرايا آهن.  مُنهنجي نِماڻي راءِ اِها آهي ته اُهو مَوادُ هن ڪتابَ ( سنڌوءَ جي سَفرَ)  ۾اوپرو ۽ اَڻ لاڳاپيل لڳي ٿو.

باقي سنڌو درياهه ، ان جي تواريخ ، ان سان لاڳاپيل شهرن ۽ پتڻن جي احوالَ هن ڪتابَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. هن ڪتابَ جي ڇپيندڙ اداري ڪتابَ ۾ ڪا به رنگين ۽ جاذب نظر تصوير نه ڏني آهي ، اُن سان ڪتابَ ٿورو ٻُسو ٿي پيو آهي پر انهن اوڻاين هوندي به هن ڪتابَ جو 2008ع ۾ آيل ٻيو ڇاپو به ختم ٿي ويو!. هي ڪتاب هن وقت اَڻ لَڀ آهي ۽ رڳو سنڌيڪا اڪيڊميءَ وارن وٽان ملي سگهي ٿو، جن 1994ع ۾ پهريون دفعو هي ڪتابُ ڇپرايو هو. هن ڪتابَ ۾ ڪُل 544 صفحا آهن ۽ ليکڪ هن ڪتابَ  لاءِ ڪُل پنجاهه ڪتابن منجهان حوالا کنيا آهن ، جن مان چوٽيهه ڪتابَ انگريزيءَ ۾ لکيل آهن ، باقي سورهن ڪتابَ سنڌي ۽ اُڙدو جا آهن. اُن وقت هي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل پهريون ڪتابُ  هو جيڪو سنڌو درياههَ جي سفر بابت هو . سنڌو درياهَه جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ به هي ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو. هن موضُوع تي تحقيق ڪرڻ وارن شاگردن کي هي ڪتابُ ضرور پڙهڻ گهرجي ۽ جيڪي ماڻهو هڪڙي ئي ڪتابَ ۾ سموري سنڌو درياهه جو مطالعو ڪرڻ چاهيندا هجن ، اُهي به هي ڪتابُ ضرور پڙهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.