عمرڪوٽ: مبينا گرفتار ڪيل نوجوان شاهنواز سمون جي وارثن پاران انصاف جي اپيل

عمرڪوٽ ۾ نوجوان شاهنواز سمون جي وارثن سندس مبينا گرفتاري ظاهر نه ڪرڻ جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

شاهنواز سمون جي چاچن آغا مشتاق، آغا فدا حسين ۽ امان الله سمون صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمرڪوٽ پوليس 28 ڏينهن کان گرفتار ڪيل نوجوان شاهنواز جي گرفتاري ظاهر نه ڪري رهي آهي.

سندن چوڻ هو ته نوجوان کي سٽي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي پر پوليس کيس عدالت ۾ پيش نه پئي ڪري ۽ اسان کي شڪ آهي کيس ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.