عالمي منڊي ۾ ڪچو تيل 7سيڪڙو تائين سستو ٿي ويو

نيويارڪ( م ڊ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ 7 سيڪڙو تائين لاٿ اچي وئي آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن طرفان ٻارڻ تي لاڳوٽيڪس ۾ ٽن مهينن لاءِ ڇوٽ ڏيڻ جي خبر سامهون ايندي ئي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه گهٽجي ويا. اربع تي عالمي مارڪيٽ ۾ برطانوي برينٽ ڪروڊ آئل جي قيمت تقريبن 6.5 سيڪڙو معنيٰ 7.49 ڊالر في بيرل گهٽ ٿي 107.16 ڊالر ٿي وئي. ان کانسواءِ آمريڪي ڪچو تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) جي قيمت 7.1 سيڪڙو معنيٰ 7.74 ڊالر گهٽ ٿي 101.78 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي. واضح رهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن جلد ڪانگريس سامهون اها تجويز پيش ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته آمريڪي شهرين کي وڌندڙ قيمت کي ڏسندي رليف ڏيڻ لاءِ فيڊرل ٽيڪس ۾ 3 مهينن جي ڇوٽ ڏني وڃي. آمريڪا ۾ پيٽرول تي هن وقت 18.4 سينٽس في گيلن فيڊرل ٽيڪس ورتو پيو وڃي، جڏهن ته ڊيزل تي 24.4 سينٽ في گيلن ٽيڪس لاڳو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.