خيرپور انتظاميا پاران ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪرائڻ جو فيصلو

خيرپور ( س  ر ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران مڪاني چونڊ بابت جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي مڪمل عملدرآمد ڪرائڻ جو فيصلو. اسٽيڪ هولڊر، چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوار سميت سموار شهري قانون جي پاسداري ۾ اثرائتو  ڪردار ادا ڪن. ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر خيرپور پاران شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر آرٽس ڪائونسل ۾ آگاهي سيمينار ٿيو. سيمينار ۾ مڪاني چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن سميت اسٽيڪ هولڊر، سياسي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  سيمينار کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر سيف الله ابڙو چيو ته ملڪي ترقي ۾ سرڪار ۽ شهرين ۾ ويجهڙائپ قائم ڪرڻ، سهپ، انسانيت جي جذبي ۽ قومي ڪاز ۾ گڏيل طور ڪم ڪرڻ لاءِ موقعيا ملن ٿا قرآن ضابطه حيات آهي سلامتي، پيار هڪ ٻي سان محبت سان ئي آزادي برقرار رهندي، امن و امان، نرم رويو قائم ڪيو وڃي ته جيئن قانون ۽ آئين تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سيمينار کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف چيو ته چونڊ مهم لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران آسان ضابطه اخلاق جاري ڪيو آهي جنهن تي عمل ڪرڻ سان سمورا شهري پنهنجو ۽ پنهنجي اميدوار جي مهم چڱي ريت هلائي سگهندا هن چيو ته سرڪاري آفيسر، توڙي عملدار ڪنهن به مهم جو حصو نه ٿين ملوث عملدارن خلاف ڪاروائيون ڪيون ويون آهن ۽ ڪيترن ئي آفيسرن توڙي عملدارن کي شوڪاز نوٽس جاري ڪيا ويا آهن. سيمينار کي براڊ ڪاسٽر ۽ ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد اڪبر علي شاهه چيو ته اليڪشن خدمت جو ٻيو نالو آهي ان لاءِ سمورا ماڻهو جيڪي ڳالهه پنهنجي لاءِ پسند ڪن ٿا اهائي مخالف لاءِ به ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪندي سماج ۾ سهپ، پيار محبت امن و امان وارو ماحول قائم ڪري اڳڀرا ٿين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.