اسلام ڪوٽ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر ۽ تعليم کاتي جي پراڻي پاليسي جي بحالي لاءِ احتجاج

اسلام ڪوٽ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر ۽ تعليم کاتي جي پراڻي پاليسي جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اميدوارن رضاءُ الله هنڱورو، ريجهو مل، ذوالفقار علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اميدوارن جو چوڻ هو ته تعليم کاتي جي تعلقي وائيز ڀرتين واري پاليسي سان ٻهراڙي جي اميدوارن جي حقن تي ڌاڙو آهي جنهن کي مڪمل طور رد ڪجي ٿو.

سندن چوڻ هو ته ٿرپارڪر ضلعي جي اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ استادن جي ڀرتين لاءِ جايون گھٽ ڏيکاريون ويون آهن، جيڪي نه هئڻ برابر آهن.

اميدوارن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته اسلام ڪوٽ تعلقي جي هر يوسي ۾ گھڻا ئي اسڪول بند آهن، خالي پيل جاين جو انگ وڌائي پراڻي پاليسي تحت اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.