آءِ سي سي پليئرز رينڪنگ جاري، بابر اعظم ٽنهي فارميٽن ۾ ٽاپ فائيو تي موجود

آءِ سي سي پليئرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ٽنهي فارميٽن ۾ ٽاپ فائيو ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب.

آءِ سي سي اڄ مرد ڪرڪيٽرن جي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪئي آهي.

ون ڊي رينڪنگ موجب پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته امام الحق ٻئي نمبر تي موجود آهي، آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر هڪ درجو ترقي ماڻي نائين نمبر اچي ويو آهي.

بالر ۾ ڪيوي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته انگلينڊ جي ڪرس ووڪس جو ٻيو ۽ نيوزيلينڊ جو ميٽ هنري جو ٽيون نمبر آهي، پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي هن فهرست ۾ چوٿين نمبر تي موجود آهي.

آل رائونڊرن ۾ بنگلاديشي سپر اسٽار شڪيب الحسن جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي، پاڪستان جو عماد وسيم ان لسٽ ۾ 9 نمبر تي موجود آهي.

ٽيسٽ رينڪنگ ۾ بيٽرن جي فهرست ۾ انگلش بيٽر جوئي روٽ پهرين نمبر تي برقرار آهي جڏهن ته آسٽريليا جي مارنس لبوشين جو ٻيو ۽ اسٽيواسمٿ جو ٽيون نمبر آهي، پاڪستان جي بابر اعظم جي چوٿين ۽ نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن جي پنجين پوزيشن آهي.

ويسٽ انڊيز  جي ڪيماروچ چار درجه ترقي ماڻيندي 8 هين نمبر اچي ويو آهي، ٽيسٽ آل رائونڊرن ۾ ڀارت جي رويندر جديجا جي حڪمراني برقرار آهي، بنگلاديش جي شڪيب الحسن ٻه درجا ترقي سان ٻي پوزيشن ماڻي ورتي آهي، پاڪستان ڪو به آل رائونڊر ان فهرست ۾ جي شروعاتي ڏهن رانديگرن جڳهه ناهي ٺاهي سگهيو.

ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ به پاڪستاني رانديگرن جو راڄ برقرار آهي ڪپتان بابر اعظم لاڳاتار پهرين پوزيشن تي موجود آهي، محمد رضوان ٻئي نمبر تي موجود آهي.

بالرن ۾ ڪينگروز جو جوش هيزل ووڊ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، انگلينڊ جو عادل رشيد ٻئين ۽ ڏکڻ آفريڪا جو شمس تبريزي ٽئين نمبر تي موجود آهن، سريلنڪا جو وانندو هسارنگا هڪ درجو بهتري بعد ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته ڪو به پاڪستاني بالر شروعاتي ڏهن رانديگرن ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.

ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرن ۾ افغانستان جي محمد نبي جو پهريون، بنگلاديش جي شڪيب الحسن جو ٻيو نمبر آهي، ان فهرست جي به شروعاتي ڏهن رانديگرن ۾ ڪو به پاڪستاني شامل ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.