پپيلز پارٽي ۽ ن ليگ طرفان پنجاب ۾ ننڍي چونڊ گڏ وڙهڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ پنجاب ۾ ننڍي چونڊ گڏجي وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي پنهنجن اميدوارن کان هٿ کڻائڻ تي راضي ٿي وئي آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير عطاءَ تارڙ چيو ته پنجاب ۾ ننڍي چونڊ گڏيل طور وڙهنداسين، پيپلز پارٽي جي حمايت سان هر تڪ ۾ اسان جي پوزيشن بهتر ٿيندي.

عطا تارڙ چيو ته پيپلز پارٽي طرفان ننڍي چونڊ ۾ حمايت جي خاطري تي سندن ٿورائتا آهيون، پيپلز پارٽي جي اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺندا، اسان گورنس بابت هڪٻئي سان مشاورت جو عمل وڌائينداسين.

ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ حسن مرتضيٰ چيو ته پيپلز پارٽي ن ليگ ۾ ضم نه پئي ٿئي، عام چونڊن ۾ هڪٻئي جي آمهون سامهون هونداسين.

حسن مرتضيٰ چيوته مهانگائي عمران خان حڪومت جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي، پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي وڌي رهي آهي، حڪومت مهانگائي تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، رليف به ڏئي رهي آهي.

طلب ۾ گھٽتائي جي ڪري سام سنگ جي ڪروڙين فونز وڪرو ٿيڻ جي انتظار ۾

هن وقت وڌندڙ مهانگائي جي ڪري ماڻهن لاءِ نوان اسمارٽ فونز خريد ڪرڻ ڏکيو ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.