اسرائيل ۾ سياسي بحران هلندڙ، چئن سالن ۾ پنجون ڀيرو چونڊون ٿينديون

مسلمانن جي وچ ۾ موجود واحد يهودي رياست اسرائيل ۾ هميشه سياسي ڇڪتاڻ هلندي رهندي آهي.

هن ڀيري  به وقت کان اڳ چونڊون ٿي رهيون آهن، سياسي بحران سبب  اسرائيلي وزيراعظم نفتالي بينيٽ ۽ سندس اتحادي پرڏيهي وزير يائر لپيڊ پارليامينٽ کي ٽوڙڻ ۽ ايندڙ هفتي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

وزيراعظم بينيٽ جي حڪومت جو خاتمو آمريڪي صدر جو بائيڊن جي اسرائيل جي دوري کان هڪ مهيني کان به  گهٽ وقت ۾ ٿي رهيو  آهي.پرڏيهي وزير ۽ وزيراعظم جي پارٽين ۾ ٿيل معاهدي موجب هو واري واري سان وزارت اعظميٰ جي عهدي تي رهندا ان حساب سان هاڻي يائر  ليپڊ جي وزيراعظم ٿيڻ جو وارو آهي.ان کان اڳ نگران سيٽ اپ ۾ ليپڊ نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀاليندو.

بينيٽ حڪومت جو زوال ان ڳالهه جو وڌيڪ ثبوت آهي ته اسرائيل 2019ع کان جنهن سياسي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهو اڃا ختم نه ٿيو آهي، هي اسرائيل جي چئن سالن جي عرصي  ۾ پنجين پارلياماني اليڪشن هوندي.

بينيٽ ۽ لپيڊ تازو والاريل  اولهه جي ڪناري ۾ اسرائيلي آبادين کي منظم ڪرڻ واري قانون جي تجديد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.جنهن دوران جنم ورتل تڪرار  موجوده سرڪار جي انت جو سبب بڻيو.جنهن ڪري قانون جي تجديد به نه ٿي سگهي.بينيٽ ساڄي ڌر جي قانون سازن ۽ ويجهن ساٿين کي اتحاد ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي، پر انهن کي قائل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.

يهودين جي موڪلن ختم ٿيڻ کانپوءِ آڪٽوبر جي آخر ۾ چونڊن ٿيڻ جو امڪان آهي. ليپڊهاڻي  قائم مقام وزير اعظم جي حيثيت سان  صدر بائيڊن جو  ايندڙ مهيني ايئرپورٽ تي  استقبال ڪندو. آمريڪي صدر  بائيڊن جو دورو شيڊول جي مطابق ئي  ٿيندو.

گذريل سال، مسٽر بينيٽ هڪ محدود ۽ نظرياتي طور تي گهڻ سياسي  اتحاد ٺاهيوهو، جنهن ۾ ساڄي ڌر، لبرل ۽ عرب پارٽيون شامل هيون. ان وقت کان وٺي هن جي اتحادي حڪومت نازڪ مرحلي مان گذري رهي هئي. مسٽر بينيٽ کي پارليامينٽ جي 120 مان صرف 59 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي..سمجهيو پيو وڃي ته اتحادي حڪومت ايندڙ هفتي تائين رضاڪاراڻي طور پاڻ کي  تحليل ڪرڻ جو بل متعارف ڪرائيندي. جنهن سان  اسرائيل جي 36 هين حڪومت ختم ٿي ويندي ۽ ان کانپوءِ نيون  چونڊون ٿينديون.

مسٽر ليپڊ ۽ مسٽر بينيٽ ٻن سالن جي سياسي تعطل کانپوءِ گذريل سال جون ۾ هڪ ناممڪن اتحاد ٺاهڻ جي قابل ٿي ويا هئا، اڳوڻي وزير اعظم بينجمن نتن ياهو جي وڏي مدي واري رڪارڊ دور کي ختم ڪري ڇڏيو هو.

اسرائيل ۾ حڪومت جي تبديلي اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن آمريڪي صدر جو بائيڊن ڪجهه هفتن ۾اسرائيل جو اهم  دورو ڪرڻ وارو آهي، جنهن جو مقصد خطي ۾ سيڪيورٽي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ آهي، ۽ اسرائيل مخالف ملڪ  ايران جي حوالي سان سلامتي جي معاملن کي خاص  اهميت حاصل آهي.

بينيٽ جي اٺ جماعتي اتحاد ۾ سخت گير ساڄي ڌر، لبرل ۽ عرب پارٽين جا اڪثر اهم ميمبر اتحاد ڇڏڻ  وارا هئا.جنهن سان حڪومت  اڪثريت وڃائي ڇڏي ها. اڳوڻي اسپيشل فورسز ڪمانڊو ۽ ارب پتي وزير اعظم نفتالي بينيٽ، جيڪو 2013 ۾ سياست ۾ داخل ٿيو، تنهن جو چوڻ هو ته سندس  حڪومت معاشي ترقي بهتر ڪئي آهي، بيروزگاري کي گهٽايو ۽ 14 سالن ۾ پهريون ڀيرو خسارو گهٽ ڪيو آهي.

بينجمن نتن ياهو، جيڪو ڪرپشن جي الزامن وارن ڪيسن  کي منهن ڏئي رهيو آهي اهو به ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو حڪومت جي واڳ سنڀالي هو هن وقت  لهندڙ وزيراعظم نفتالي بينيٽ تي  شديد تنقيد ڪري رهيو آهي.هن ارب پتي شخص بينيٽ جي حڪومت کي تاريخ جي بدترين حڪومت قرار ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.