عمران جو هدف چونڊون يا ٻن شخصيتن جي قرباني !

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي پاليسيءَ  مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هو عام  چونڊون نه پر ٻن شخصيتن جي قرباني چاهي ٿو.  ان ڪري سندس سڄو  ڌيان انهن ٻن شخصيتن کي نشانو بڻائڻ تي کتل آهي، نامياري صحافي معظم فخر پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي. جڏهن عمران خان لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان پئي ڪيو ان وقت حڪومت اسيمبليون ٽوڙي چونڊن طرف وڃڻ پئي چاهيو، اهڙو پيغام عمران خان کي به ملي ويو هو پر هن ڪجهه  ڏينهن انتظار ڪرڻ بدران 25  مئي تي لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو نتيجي ۾ اتحادي حڪومت پنهنجي فيصلي تان پٺتي هٽي وئي ۽ چيو ته هاڻ چونڊن جو اعلان ڪنداسين ته اهو تاثر ورتو ويندو ته عمران خان جي دٻاءُ  ۾ اچي اسيمبليون ٽوڙيون آهن، هاڻي جڏهن  پنجاب جي 20 تڪن تي ننڍي چونڊ جو اعلان  ٿيو آهي ته عمران خان اعلان  ڪيو آهي ته جولاءِ ۾ لانگ مارچ جو اعلان ڪندس بجاءِ ان  جي جو17 جولاءِ واري ننڍي چونڊ تي سندس ڌيان  هجي هو لانگ مارچ جو سوچي رهيو آهي ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي اسٽيبلشمينٽ سربراهه کان استعيفا جا ٽرينڊ هلائي رهيو آهي. صحافي معظم فخر موجب  جيڪڏهن  اسان جهڙو صحافي ڀل چڪ ۾ به حساس ادارن تي اشارن اشارن ۾ تنقيد ڪري ته يا کنڀجي وينداسين يا حاضريون ڪٽڻيون پونديون ۽ وضاحتون ڪرڻيون پونديون، حيرت آهي ته انهن ادارن ۽ سربراهن خلاف ٽرينڊ  هلي رهيا آهن ۽ انتهائي ڪريل غليظ  ٻولي استعمال ٿي رهي آهي پر مجال آهي جو ڪو نوٽيس وٺي يا ڪارروائي عمل ۾ اچي جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته پوءِ گهڻن  صحافين جا به منهن کلي ويندا ۽ تمام اهم معاملا منظر تي اچڻ شروع ٿي ويندا، ان ڪري اهڙين حرڪتن خلاف ضروري آهي ته ڪارروائي  ڪري هڪدم بند ٻڌو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.