بينظير ڀٽو شهيد مثالي ڪردار رکندڙ سياستدان رهي آهي: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد پارليامينٽ جي اندر ۽ پارليامينٽ جي ٻاهر هڪ مثالي ڪردار رکندڙ سياستدان رهي آهي، شهيد بينظير ڀٽو عزم ۽ جرائت ۽ جدوجهد جي عظيم مثال آهي، موجوده دور جي عورتون محترمه بينظير ڀٽو صاحبه تي فخر ڪري سگهن ٿيون. هو اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ ويمن ڪاڪس جي اهتمام هيٺ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ منعقد تقريب کي خصوصي مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو، هن چيو ته بينظير ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي هڪ باصلاحيت ڌيءَ هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، جمهوريت ۽ ملڪي ترقي لاءِ ان جي ٻاريل شمع کي سدائين روشن ۽ سربلند رکيا، شهيد بينظير ڀٽو هڪ سٺي ماءُ هجڻ جو ثبوت به ڏنو ۽ بلاول ڀٽو زرداري جهڙي عظيم فرزند جي تربيت ڪئي، هن چيو ته اڄ به شهيد بينظير ڀٽو سان محبت ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ شهيد بي بي جو اهو پيغام آهي ته جمهوريت کي مضبوط ڪيو، ادارن کي مضبوط ڪيو، مظلوم عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪريو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.