مڪاني چونڊون: امن امان تي ڪا سوديبازي نه ڪندس: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مڪاني چونڊن جي موقعي تي امن امان تي ڪا سوديبازي نه ڪندس.

سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مڪاني چونڊن ۾ امن امان جي حوالي سان اجلاس ٿيو.

وڏي وزير چيو ته ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر، لاڙڪاڻي ۾ 26 جون تي مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان امن امان تي ڪا سوديبازي نه ڪندس.

اجلاس ۾ هن چيو ته پوليس اهڙو پلان ٺاهي ته جيئن ڪو شدت پسند پولنگ وٽ نه وڃي سگهي، 4 ڊويزنن جي 14 ضلعن ۾ 8724 پولنگ اسٽيشنون قائم هونديون.

سندس چوڻ هو ته پولنگ واري ڏينهن هٿيار کڻي گهمڻ تي مڪمل پابندي هوندي.

وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي سڀني سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.