دادو: چوماسي جي برساتن کان اڳ انتظاميا پاران شهر جا دورا

دادو ۾ چوماسي جي برساتن کان پهريان انتظامن لاءِ انتظاميا پاران شهر جا اوچتا دورا ڪيا ويا.

اسسٽنٽ ڪمشنر شاهنواز ميراڻي پبلڪ هيلٿ پاران ٺهرايل ڊرينيج ڊسپوزل سسٽم جو دورو ڪري جائزو ورتو جڏهن ته عملدارن کان پڇاڻو پڻ ڪيائين.

ٽي بي اسپتال روڊ کان ٺهندڙ ڊرينيج سسٽم ورهين کان ناڪارا هجڻ جي نشاندهي تي هن پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته ميونسپل عملي کي پابند بڻايو ويو ته هو نالن جي صفائي ڪرائين جيئن برسات دوران شهرين کي تڪليفن کي منهن نه ڏيڻو پوي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.