سائنسي طريقي سان دنيا جو خوبصورت ترين چهرو ڪهڙي عورت جو آهي؟

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) مشهور هالي ووڊ اداڪارا امبر هرڊ جو چهرو سائنسي طور تي دنيا ۾ ”خوبصورت ترين“ چهرو قرار ڏنو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب سائنسدانن امبر هرڊ جي خوبصورتي کي جاچڻ لاءِ يوناني فارمولو استعمال ڪندي ان جي مدد سان امبر هرڊ جون اکيون، ڀرونءَ، نڪ، چَپ، کاڏي، ڄاڙي ۽ چهري جي ماپ ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان ماپ سان اهو ثابت ٿيو ته هالي ووڊ جي ناليواري اداڪار جوني ڊيپ جي اڳوڻي گهرواري امبر هرڊ جو چهرو 91.85 سيڪڙو يوناني فارمولي موجب آهي ۽ ان جو چهرو سائنسي اعتبار سان دنيا جو خوبصورت ترين چهرو قرار ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته ان فارمولي موجب آمريڪي ماڊل ڪم ڪارڊيشين جو چهرو دنيا جو ٻيو خوبصورت ترين چهرو آهي، يوناني فارمولي تحت ان جي شرح 91.39 سيڪڙو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.