اليڪشن ڪميشن اٺن ورهين کانپوءِ پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ درخواست گذار اڪبر ايس بابر جي فنانشل ايڪسپرٽ ٻڌڻي دوران ٻڌايو ته پي ٽي آءِ فنڊن ۾ آڊٽ جي اصول ۽ معيار کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڊونرز ٿرڊ پارٽي ناهي، پي ٽي آءِ قيادت جي پنهنجون جوڙيل ڪمپنيون آهن.

ان موقعي اڪبر ايس بابر چيو ته پهريون دفعو سياسي پارٽي الڪيشن ڪميشن ۾ فنڊنگ جا تفصيل ڏئي رهي آهي، هر سياسي پارٽي کي اليڪشن ڪميشن اڳيان جوابده ٿيڻ گهرجي.

ان تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ڪيس فائنل ٿي ويو آھي، ٻين سياسي پارٽيز خلاف ڪيسز به پڄاڻي تي پهچن، ووٽر جو اعتماد بحال ڪري ملڪ کي جمهوري طريقي سان مضبوط ڪرڻو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو تھ  ڪيس تي ٻڌڻين ۾ سياسي پارٽيز جا نمائندا ۽ قانوني ماهر پيش ٿيا، ڪيس تي فيصلو انصاف تي ٻڌل هوندو، ضرورت پوڻ تي مالياتي ماهرن کي به طلب ڪري سگهجي ٿو.

جنهن بعد الڪيشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس وارو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان ڪيس جي فيصلي جو حتمي وقت نه ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس 8 ورهين کان ٻڌڻي هيٺ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.