شهدادپورٿاڻي جي اهلڪار پاران ٻن پورهيتن تي تشدد، لاڪپ ڪري ڇڏيو، احتجاج

شهدادپور (ن ع آ) ڳوٺ ابراهيم جکرو جي رهواسين ۽ مزدورن پاران پريس ڪلب شهدادپور  اڳيان مزدورن يونين جي اڳواڻ رفيق جکرو ۽ شوڪت جکرو رزاق جکرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج مظاهرو  ڪري ڌرڻو هڻي ڇڏيو ان موقعي تي   صحافين سان ڳالهيندي  چيو ته ڀنڀرا پڪيٽ تي مقرر پوليس اهلڪار امجد ڀنڀرو  جيڪو سڃو ڏينهن نشي ۾ ڌٿ هوندو آهي نشي ۾ ٿي ڪري ڊيوٽي پڻ ڪندو آهي جنهن مزدوري تي ويندڙ خالق جکرو ۽ شوڪت جکرو کي بيگناه گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻائي سخت مارڪٽ ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ موبائيل فون  پئيسا ڦر ڪري ڇڏيا ۽ بعد ۾ ٿاڻي تي اسانجي مداخلت تي اسانجي مزدورن کي آزاد ڪيو  مذڪوره پوليس اهلڪار عوام لاءِ آزار بڻيل آهي  هنن ڊي آئي جي شهيدبينظير آباد ايس ايس پي سانگهڙ  ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو  ته عوام لاء آزار بڻيل پوليس اهلڪار امجد ڀنڀرو کي برطرف ڪري ڦر ڪيل موبائيل فون پيسا واپس ڪرائي ڏنا وڃن ۽ قانوني ڪاروائي عمل ۾ آڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.