سلطان ڪوٽ ڀرسان چوري جي ڪوشش دوران فائرنگ، گهر ڌڻي زخمي

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) سلطان ڪوٽ ڀرسان جهان واهه ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم چورن پاران ڳوٺ آغا اختر جان پٺاڻ ۾ چوري جي ڪوشش مزاحمت ڪرڻ تي چورن پاران فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گهر ڌڻي پيرسن معتبرچانڊيو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو زخمي گهر ڌڻي کي وارث سلطان ڪوٽ اسپتال کڻائي پهتا ڀاڳين پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت مڙسي ڪري هڪ چور کي سوگهو ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ جاڳڻ واسي نادر علي پٽ محمد بخش ڀيو طور ڪئي وئي سوگهي ڪيل چور کي ڀاڳين مار ڪٽ بعد جهان واهه پوليس حوالي ڪري ڇڏيو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جهان واهه طارق لاکير ٻڌايو ته ڀاڳين پاران پڪڙيل چور اسان حوالي ڪيو ويو آهي چور جا تفصيل اسان نٿا ٻڌائي سگهون پڪڙيل چور مٿان ڪيس اڃان داخل ناهي ٿي سگهو زريعن مان خبر پئي آهي ته سوگهو ڪيل چور بااثر آهي ڏيتي ليتي تي پوليس چور کي آزاد ڪري ڇڏيندي ان کان اڳ ۾ ٽي ڀيرا چورين جي مختلف وارداتن ۾ ڀاڳين چورن کي پڪڙي جهان واه پوليس حوالي ڪيو هو انهن چورن مٿان ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.