سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران حساس پولنگن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳنديون

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن موجب انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي رينجرز ۽ پوليس مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي ۽ جائزو ورتو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون به لڳايون وينديون. چيف سيڪريٽري جو چوڻ هو ته شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن کي يقيني بڻايو ويندو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.