سنڌو ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڪراچي ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس جو احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) سنڌو درياهه تي قبضي خلاف ڪراچي ۾ احتجاجي مارچ ڪيو ويو. پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو طرفان شھباز جوکيو, رمشا جاويد ۽ ورثا پيرزادو جي اڳواڻي ۾ آرٽس ڪائونسل کان ڪراچي پريس ڪلب تائين سنڌو ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. هن ۾ رووليوشنري اسٽوڊنٽس فرنٽ، پروگريسو يوٿ الائنس، فشر فوڪ فورم ۽ ٻين تنظيمن طرفان پڻ شرڪت ڪئي وئي.سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان مرڪزي اڳواڻ جلال شاه بخاري, ڪراچي ڊويزن جي صدر عرض محمد لھر, ڄام آڪاش ديدڙ, عمر فاروق چنڙ جي آڳواڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي وئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو جيئدان سنڌوء سان جڙيل آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي بدران واري اڏامي رھي آھي. پيپلز پارٽي ھن وقت وفاق ۾ حڪمران ھوندي به سنڌ سان غداري ڪري رھي آھي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.