سنڌ جي صحت کاتي جو عامر لياقت جي قبر ڪشائي بابت اهم بيان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي عامر لياقت جي موت جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ پوليس سرجن ڪراچي کي 23 جون تي قبر ڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي.

قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي قبر ڪشائي 23 جون تي ڪئي ويندي ته جيئن مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪري سگهجي.

صوبائي صحت کاتي پوليس سرجن ڪراچي ڊاڪٽر سميه سيد جي سربراهي ۾ 4 رڪني ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي، قبر ڪشائي جي موقعي تي لاڳاپيل مئجسٽريٽ ۽ ٻيون پوليس اختياريون به موجود هونديون.

عامر لياقت جي قبر ڪشائي ڪري ان جا جسم جا ڪجهه عضوا نمونن لاءِ موڪليا ويندا، جيڪي ڪيميڪل ايگزامينيشن لاءِ ليبارٽري موڪليا ويندا ۽ ليبارٽري رپورٽ کانپوءِ موت جو ڪارڻ ڄاڻي سگهبو.

عامر لياقت جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم عدالتي حڪمن تي ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.