نورا فتيحي کي به پاڪستاني گاني جو بخار چڙهي ويو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪوڪ اسٽوڊيو جا مداح ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ موجود آهن، جيڪي ان بابت پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار به ڪندا رهندا آهن.

ان فهرست ۾ هاڻ بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڊانسر نورا فتيحي به شامل ٿي وئي آهي، جنهن ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14 جي مشهور گيت ”پسوڙي“ کي پنهنجي وڊيو ۾ شامل ڪيو آهي، وڊيو جي ڪيپشن ۾ هن گاني جا ٻول پڻ لکيا آهن.

انسٽاگرام تي جاري ڪيل وڊيو ۾ نورا فتيحي اڇي رنگ جي ساڙيءَ ۾ نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته بيڪ گرائونڊ ۾ پاڪستاني ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14 جو مشهور گيت ”پسوڙي“ هلي رهيو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Nora Fatehi (@norafatehi)

ان گيت ۾ علي سيٺي ۽ شائي گل پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي، جيڪو نه رڳو پاڪستانين پر ڀارتين کي به وڻيو آهي ۽ ڪيتريون ئي بالي ووڊ شخصيتون ان مان متاثر ٿيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.