سون جي اگهه ۾ هوش اڏائيندڙ واڌ، خريدار پريشان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊالر جي قدر ۾ واڌ ۽ رپئي جي بي قدري سان گڏوگڏ سون جي قيمت ۾ به غير معمولي واڌ جو سلسلو جاري آهي.

سنڌ سونارا مارڪيٽ ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 1450 رپين جي غير معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

اهڙي واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ سون جو اگهه هڪ لک 47 هزار 250 رپين تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 1243 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 26 هزار 243 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 1840 ڊالر في اونس تي برقرار آهي.

سونارا بازار ڊيلرز جو چوڻ آهي ته ڊالر مهانگو ٿيڻ سان سون جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.