اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چونڊ ترميمي بل کانپوءِ نيب ترميمي بل 2022 به صحيح بنا وزيراعظم آفيس کي واپس موڪلي ڇڏيو.
صدر جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ موجب ڊاڪٽر عارف علوي نيب آرڊيننس ۾ ترميم جي بل تي صحيحون نه ڪيون.
هن چيو ته مان ذاتي طور تي آئين جي پاسداري ڪيان ٿو، اسان کي قرآن ۽ سنت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ سڀني کان وڌيڪ مان الله پاڪ سامهون جوابده آهيان ۽ ان کان معافي جو طلبگار آهيان، تنهن ڪري مون کي تڪليف سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته منهنجو ضمير مون کي ان بل تي صحيح جي اجازت نٿو ڏئي.
Poor will continue to be jailed for petty crimes while corrupt rich will be free to loot & plunder. He said that:
I personally abide by the Constitution, we must act upon injunctions of Quran and Sunnah, and above all I am answerable to Allah asking for His forgiveness.— The President of Pakistan (@PresOfPakistan) June 20, 2022
صدر عارف علوي صحيح بنا بل واپس موڪلڻ سان گڏ وزيراعظم کي هڪ خط به موڪليو آهي، جنهن ۾ هن ان کي رجعت پسند قرار ڏنو آهي.
سندس موجب ان بل سان قانون جي وڏن هٿن کي مفلوج ڪري بدعنواني کي هٿي حاصل ٿيندي، اهو بل بدعنوان عنصرن لاءِ واضح پيغام آهي ته هو ڪنهن کي به جوابده ناهن، احتساب جي عمل کي ڪمزور ڪرڻ آئين جي خلاف آهي، اهو پاڪستاني عوام جي بنيادي حقن جي به خلاف آهي.
to avoid miscarriage, to close loopholes & make it stronger, we are weakening it beyond recognition. These changes will demolish accountability, creating a façade of justice that blatantly hides a corrupt elite capture ensuring exploitation of the common man in an unjust society.
— The President of Pakistan (@PresOfPakistan) June 20, 2022
هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا جا ملڪ وائيٽ ڪالر ڪرائم تي ضابطي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، ايف اي ٽي ايف به مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ ڏهاڪن کان ڪم ڪري رهي آهي.