ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري، 4 نوجوان شهيد

سرينگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فورسز جي رياستي دهشتگردي جاري آهي  جتي ڀارتي فوج ضلعي ڪپواڙا ۾ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فورسز ڪشميري نوجوانن کي محاصري جي اوٽ ۾ شهيد ڪيو، ڪي ايم ايس موجب ڀارتي فوج ٻن ڪشميري نوجوانن کي ضلعي ڪپواڙا ۽ ٻن کي ضلعي ڪلگام ۾ شهيد ڪيو.

  • قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اڄ سومر ڏينهن ٽپهر 4 وڳي ٻيهر ٿيندو. اجلاس جي  صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪندو. اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 23 – 2022ع جي وفاقي بجيٽ تي عام بحث جاري رهندو

  • پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جو عالمي ڏينهن اڄ سومر تي ملهايو ويندو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جو عالمي ڏينهن اڄ سومر تي  ملهايو ويندو. ان ڏينهن ملهائڻ جو مقصد عورتن، مردن، ٻارڙن جي همٿ طاقت ۽عزم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي جيڪو هو ظلم، ڏاڍ، تڪرارن ۽ تشدد جي خطري تحت پنهنجي وطن کان ڀڄڻ تي مجبور آهن. هي ڏينهن انهن برادرين ۽ پناهگيرن جي شراڪت کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جهڙيون تنظيمون ان ڏانهن مختلف سرگرمين ۾ شامل ٿينديون آهن. ڪجهه ڪميونٽيز ان لاءِ سڄو هفتو وقف ڪنديون آهن جن ۾ پناهگيرن جو عالمي ڏينهن شامل هوندو آهي ته جيئن ماڻهن کي پناهگيرن جي زندگي ۽ انهن جي انساني حقن جي باري ۾ سوچڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي. سالن کان ڪيترن ئي ملڪن ۽ خطن ۾ پناهگير رهي رهيا آهن. هن عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي تقريبن جو بندوبست ڪري رهيا آهن. جن ۾ سڀ کان وڌيڪ وسيع بنياد تي ٿيندڙ واقعن ۾ هڪ آفريقا ريفيوجي ڊي آهي جيڪو 20 جون تي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملهايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.