ايف اي ٽي ايف ۽ زميني حقيقتون 

تحرير: رياض ابڙو 

ايف اي ٽي ايف ۾ جيڪي 23 ملڪ جن ۾ شام، ترڪي، برما، فلپائين، سائوٿ سوڊان، يوگنڊا ۽ يمن وغيره شامل آهن جن ۾ هي ايشين بيمار ٽائيگر به شامل آهي، انهن ملڪن تي بين الاقوامي پريشر گروپَ ٽيڏي اک رکيون ويٺا آهن ته جيڪي به ملڪ بدترين ڪرپشن ۾ ورتل آهن، جيڪي ملڪ دهشتگردي جي آڙ يا ڏمر ۾ ڦاٿل آهن، جيڪي مني لانڊرنگ جي پريڪٽس ۾ رڌل آهن يا ٻين غيرقانوني معاملن ۽ ڳنڀير مسئلن ۾ ورتل ۽ اڙيل آهن اهي حڪومتون پاڻ انهن مسئلن مان جان ڇڏائن، پوءِ ان ڪري دنيا جي ملڪ مان اهو ٺيڪو وري فرانس جو آهي ته انهن جي ”فائناشل ايڪشن ٽاسڪ فورس“ واري تنظيم يا ٽيم اهڙن ڪرپٽ ۽ دهشتگرد ملڪن تي ڪرڙي اک رکي ته اهي انهن اٿاريل اعتراضن تي اثرائتو ڪم ڪن، ڪيتري اسپيڊ سان اهي ملڪ انهن ڪمن تي عمل پيرا آهن، ٻي صورت ۾ انهن ملڪن کي گري لسٽ مان ڪڍي سڌو سنئون بليڪ لسٽ ڪيو ويندو جنهن جي ڪري انهن ڪرپٽ ۽ دهشتگرد ملڪن سان سڀ سڌريل ملڪ لاڳاپا ٽوڙيندا، انهن ملڪن جون امدادون بند ٿينديون، انهن ملڪن جا واپار بند ٿيندا ۽ انهن جون ٻيون ڪارونهواريون به گھٽ ٿينديون، ۽ پوءِ انهن ملڪ جو ڏيوالو نڪرندو ۽ ڏيوالو نڪرڻ جي صورت ۾ ڪو ٻيو امير ملڪ انهن ملڪن تي قبضو ڪري سگهندو يا زرخريدي ڪري پنهنجي حڪومت هلائي سگهندو.  

پر هڪ عام فهم سوچ مطابق ان ٽاسڪ فورس جي ٽيم جو اهڙي لسٽ مان نڪرڻ يا اهڙا اعتراض لڳائڻ به بيوقوفي هئي ان ڪري انهن ايف اي ٽي ايف جي 27 ايڪشن پوائنٽن  مان ٻاهر اچڻ ڄڻ ڪو جنت کٽڻ جي برابر هيو (يا آهي) ان ڪري ته اهي ايڪشن پوائنٽون يا اعتراض هئين آهن ته دهشتگردي مان جان ڇڏايو، هاڻي دهشتگرديءَ مان جان اسان ته ڇڏايون ويٺا آهيون پر جيڪي به مذهبي ڌڙا آهن اهي يورپ ۽ انگريز ملڪن جهڙوڪ، آمريڪا، برطانيا، فرانس، ڊينمارڪ، جرمني، اٽلي يا آسٽريليا وغيره وغيره جي لاءِ ته دهشتگرد ئي آهن (انهن مذهبي گروهن جي انهن ملڪن سان لاڳاپن يا ويجهڙائپ واري ڳالھه  ٻيو بحث آهي، اسان رڳو ايف اي ٽي ايف تي سرسري نظر ٿا هڻون) يا هاڻي انهن سڌريل ملڪن پنهنجي اها پراڻي راءِ تبديل ڪري ڇڏي آهي ته اها ٻي ڳالھه  آهي، ان ڪري ته جيئن افغانستان جي لاءِ هاڻي جوبائيڊن پنهنجي پاليسي چينج ڪري ڇڏي آهي، يا وري جيڪي پاڪستاني طالبان افغانستان ۾ رهجي ويا آهن انهن سان پاڪستاني سرڪار ڳالهين جي لاءِ تيار ناهي يا سڀاڻي جيڪڏهن اهي طالبان ڳالهيون ڪامياب ڪري معافيون تلافيون وٺي وري جي ٽپي به آيا ته ڇا انهن جي ٽپي اچڻ تي آمريڪي سرڪار چپ ڪيون ويٺي هوندي، ان ڪري جو دهشتگرد ۽ حملا آور ٽولا ڪي ٻيا نه ٿا سڏيا وڃن، پوءِ ان سڄي ڳالھه  ۾ ڏوهي ڪير آهي، آمريڪا، سي آءِ اي جهڙي ايجنسي، موساد، ايم فائيو ، ايم سڪس، اهي سڀ غلط ثابت ٿي ويندا جو اهي دهشتگردي واري آمريڪي ڏنل وصف مان پاڻ پريشان آهن پوءِ ته ايران جي لاءِ به ٻٽيون پاليسيون ختم ڪن ان ڪري ته دهشتگرد اهي ناهن جن کي آمريڪي ڏنل وصف بيان ڪري، جي ائين آهي ته آمريڪا غلط آهي ۽ پاڪستاني يا افغانستاني طالبان يا مذهبي ڌڙا صحيح آهن ۽ سڀاڻي مجبورن ايف اي ٽي ايف جي ٽيم يا ان جي صدر مسٽر مارڪوس پليير (جيڪو جرمن ڄائو آهي) کي اها ڳالھه  وري ورجائي ورجائي مڃڻي پوندي ته دهشتگردي جي وصف انهن وٽ ڪا ٻي آهي، غير انساني رويا ڪي ٻيا آهن، اسان هن مهل تائين اوندھ ۾ پيا گذاريون يا جئين آمريڪا چئي تيئن ڪيون جيڪو آمريڪا ڪري اهو صحيح، اهو به آهي ته هاڻي افغاني جنگ جي اسٽريٽجي مٽائڻ کانپوءِ آمريڪا جي اسان جي لاءِ به ٻي ڪا اسٽريٽرجي آهي، پر اتي اها ڳالھه  به ڪندا هلون ته پاڪستان ڪنهن هڪ بيروني فورس جي واري يا واڙِ ۾ ناهي ملڪ جي مٿان جيترو آءِ اي اِي اي، (بين الاقوامي ايٽمي طاقت واري تنظيم) ايف اي ٽي ايف، (مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي وارن معاملن تي اک رکڻ واري ٽيم) آءِ ايم ايف يا ورلڊ بيئنڪ جهڙين تنظيمن جو زور اسان جهڙن ملڪن تي آهي اوترو زور بار ٻين ملڪن تي ناهي، ان ڪري اها ڳالھه  به وزن ٿي رکي ته ملڪ جي ڏيوالي ڪڍڻ جي لاءِ رڳو آءِ ايم ايف جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ يا انهن جو چوڻ وٺڻ ئي ڪافي آهي.

ان ڪري 27 ايڪشن پوائنٽن  مان هيل تائين پاڪستان 26 ڳالهيون پوريون ڪري سگهيو آهي ۽ انهن جي 34 ڳالهين مان 32 هدايتون پوريون ڪري چڪو آهي، ان ڪري ته اهي صلاحون يا پوائنٽون پهرين هٿ گهڙيون هيون يا هاڻي هٿ گهڙيون آهن، ان ڪري انهن ڳالهيون تي عمل ڪرڻ پاڪستان سان گڏ انهن 23 اسلامي ملڪن جي وس جي ڳالھه  ناهي ته اهي رات پيٽ ۾ يورپ ٿي ڏيکارن يا رات پيٽ ۾ اهي سڀ شيون ممڪن ڪري ڏيکارن يا اهو به مڃڻ گهرجي ته جن ملڪن جي معاشي حالت بدترين رهندي ايندي انهن ملڪن جو حال ائين ئي رهندو ايندو مثال انهن 27 ايڪشن پوائنٽن منجهان ڪجھه ايڪشن پوائنٽون يا ڳالهيون هتي بحث ڪري سگهجن ٿيون، انهن مان ڪي خاص پوائنٽون جيئن ڪرپشن: هاڻي ڪرپشن پاڪستان وانگي جيڪي به غريب ملڪ آهن جن جو سڪو ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو ڪرندو اهي ملڪ ڪڏهن به ڪرپشن، چوري، بي ايماني، بدديانتي مان جان نه ڇڏائي سگهندا ان ڪري انهن ڪرپٽ ماڻهن کي پنهنجو عاليشان گهر به هلائڻو هوندو آهي، انهن ماڻهن کي پنهنجون روز جون گهرجون به پوريون ڪرڻيون هونديون آهن، ان ڪري ڪرپشن، چوري ۽ بي ايماني مان جان نه ٿي ڇڏائي سگهجي، جنهن به ماڻهوءَ کي وارو ملندو اهو وارو وڄائنيدو، ڇو ته شريف اهو آهي جنهن کي وارو نه ٿو ملي يا نه ٿو وٺي سگهي يا ڪير به وارو نه ٿو ڏئيس، بئنڪ جي ڌاڙن کان وٺي گهرن جي ڌاڙن ڦرن مان جان ڪيئن ڇُٽي، ان ڪري جو معيشت جي بري حال سبب ماڻهن جو حال برو ٿيندو ٿو وڃي، ريپ ڪيس، چائيلڊ ليبر يا عورتن جي مٿان ظلم يا قانون جي پاسداري نه ڪرڻ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڪرپشن، لاقانونيت ۽ ڪورٽن جي فيصلن جي دير ۽ ناانصافي تائين، عام ماڻهن جي لاءِ انصاف جي آسان پهنچ، تعليم، صحت، اٽي لٽي اجهي، غربت جي ڏسيل يا ٺاهيل لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ وارن جي حالت بهتر ڪرڻ، نشي آور شيون جهڙوڪ، شراب، چرس، آفيم، ڏوڏي، هيروئن مان جان ڇڏائڻ ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيس جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي ملڪ جو پئيسو ٻاهرين ملڪن ۾ سيڙائي ڪٿي ايون فيلڊ ۾ ڪروڙين يورو ۽ ڊالر جا بنگلا ۽ فليٽ ٿا وٺن، ڪڏهن سوئيس اڪائونٽ راتون رات ڀري ٿا ڇڏن، ڪڏهن اوورسيز فيڪٽريون ٺاهي وري پاڻ ئي ويٺا ٿا ٻاهرين ملڪن جي آڊٽ فرمن (جيئن براڊشيٽ، وڪي ليڪس، پناماليڪس) کي اشارا ڏين ته هاڻي چور ڳولهي ڏيکاريو، ماڻهن جي زندگي ۽ مال جو تحفظ ممڪن بڻايو ان ڪري ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ماڻهن جي جان مال ۽ عزت آبرو محفوظ ناهي، ان ڪري حڪومت اهي سڀ ڳالهيون ڪري ڏيکاري.

وزيرن کي بئنڪن جهڙو هڪ اهڙو ذريعو مليو جو انهن وزيرن ڪرپشن جا پئسا  ڇولي وارن جا اڪائونٽ کولرائي رکيا، ريڙهي تي فروٽ وڪڻڻ واري جا به ڪروڙين ڊالر بئنڪ ۾ پيا رهيا، يا مني لانڊرنگ جي ذريعي ماڻهن جي لاءِ آسان هيو ته اهي ڪرپشن جي پئسن مان ڦيرگهير ڪري اهي پئسا  پهرين ڪنهن گهر يا پلاٽ وٺڻ ۾ سيڙائين، پوءِ بئنڪ جو ڪو اڪائونٽ کولرائي ثابت ڪن ته انهن گهر ٺهرائي کپايو آهي يا ڦيرگهير ڪري کپائي وري ساڳا ئي پئسا  بئنڪ اڪائونٽ کولرائي اهو ثابت ڪين ته اهي پئسا  ڪنهن گهر وڪڻڻ جي عيوض مليا آهن يا انهن پئسن ۾ ڪا بي ايماني، چوري، ڌاڙي يا ڪرپشن جي رقم ناهي، ان ڪري اهي پئسا  هڪ بينڪ مان ٻي بئنڪ ۾ رکڻ جائز آهن يا انهن کي مني لانڊرنگ معني حرام جي پئسي اهڙي پئيسي کي جيڪو ڪنهن شارٽ ڪٽ جي ذريعي حاصل ٿيل هجي ان کي ڦيرائي گهيرائي ان پئيسي جو ڪرپشن وارو بنياد وڃائي ڇڏجي، ته جيئن ڪير پڪڙي نه سگهي، يا انهن ماڻهن حرام جا پيئسا ڪنهن طرح بحريا ٽائونن جي پلاٽن ۾ سيڙايا به هجن يا اهي حرام جا پئسا  وري بئينڪ ۾ رکي نه ٿا سگهن، پر ڳالھه  ته رڳو پئسن کي جائز طرح ثابت ڪرڻو آهي ته اهي حرام جا پئسا  ناهن پر حلال جا آهن.

وري ايف اي ٽي ايف جا ريئل پراپرٽي جا مسئلا الڳ هيا ”ته سموري ملڪ جون عمارتون بنا رجسٽريشن جي آهن، ڇو ته ماڻهن وڏن شهرن ۾ راند جي ميدانن ۽ گھمڻ وارن پارڪن جي پلاٽن تي، پاڻي جي نالن، ندين ۽ روڊن تي جاءِ ولاري پنهنجون ملڪيتون اڏيون، ڪٿي گهر ته ڪٿي دوڪان، ان ڪري سپريم ڪورٽ پاڻ ان ڳالھه  تي ڏنڊو ڦيرايو ته جيڪي به اهڙيون بلڊنگيون ۽ ذاتي عمارتون جوڙيل آهن انهن کي ڪيرائي پٽ ڪيو ۽ اها رپورٽ ان فرانس واري ٽيم کي موڪلي ڏيو ته اسان هاڻي رجسٽرڊ ٿي ويا آهيون ۽ نسلا ٽاور کان وٺي جيڪي به انڪروچمينٽ جا مسئلا هيا جيڪي به نالن تي اڏاوتون جڙيل هيون اهي هاڻي ڪنهن حد تائين گھٽائي ڇڏيون آهن، ان ڪري ان ڳالھه  جو اعتراض هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ايف اي ٽي ايف به پريشر گهٽائي اسان جهڙن ملڪن کي جيئندان ڏئي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.