سيوهڻ: ايس يو پي جو مڪاني چونڊن ۾ آر او، اي آر او ۽ سيوهڻ ڀان پوليس جي مبينا زيادتين خلاف

سيوهڻ ۾ ايس يو پي پاران آر او، اي آر او ۽ سيوهڻ ڀان پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

سوين ڪارڪنن مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙي، دريا خان لغاري، اصغر سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيوهڻ ريٽرننگ آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته مڪاني چونڊن ۾ سنڌ پوليس ۽ اليڪشن عملو پ پ جا ونگاري بڻيل آهن، جڏهن ته ايس ايڇ او ڀان ۽ ايس ايڇ او سيوهڻ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ايس يو پي اميدوارن هٿ کڻڻ لاءِ هراسان ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته گذريل ڏينهن ڀان ۽ سيوهڻ پوليس يوسي واهڙ تي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي بيٺل ايس يو پي اميدوار قادر نواز ٿيٻو ۽ ڳوٺ موريو پنهور ۾ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ بيٺل پي ٽي آءِ اميدوار بدر پنهور کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، ساڻن زيادتي آهي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سيوهڻ جي آر او ۽ اي آر او پاران پڻ پ پ جي مخالف اميدوارن جا پڻ فارم ڪيا پيا وڃن، اليڪشن ڪميشن معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.