تحريڪ انصاف جو سنڌ اسيمبلي ميمبر عورت سان هٿ چراند جي الزام ۾ گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي ميمبر شبير قريشي کي عورت سان هٿ چراند جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍي موجب رات 3 وڳي سائيٽ ٿاڻي ۾ هڪ عورت شڪايت داخل ڪرائي ته شبير قريشي ساڻس هٿ چراند ڪئي آهي، عورت جو چوڻ آهي ته شبير قريشي کيس نوڪري جو ڏٽو ڏنو هو.

هن چيو ته عورت جي شڪايت تي شبير قريشي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ کيس گرفتار ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

هوڏانهن پي ٽي آءِ ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته شبير قريشي فجر جي نماز لاءِ نڪتو هو ته کيس پوليس گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي فوري طور آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.

حليم عادل شيخ چيو ته سڄي رات ٻه پوليس موبائلون شبير قريشي جي گهر ٻاهران موجود هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.