دعا زهرا جي والد پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل

ڪراچي ( رپورٽر ) دعا زهرا جي والد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي. درخواست ۾ دعا زهرا جي  پيءَ مهدي ڪاظمي موقف اختيار ڪندي ڄاڻايو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا کي سندس مرضي موجب فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، دعا زهرا جي بيان ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ جي بنياد تي اهو فيصلو ٻڌايو ويو. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ دعا زهرا جي عمر 17 سال ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته نادرا رڪارڊ  ۽ تعليمي سرٽيفڪيٽن موجب دعا جي عمر 14 ورهيه آهي، پوليس ڪيس جو چالان  سي ڪلاس ۾ ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو آهي. دعا جي والد مهدي ڪاظمي جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ خامي آهي، درخواست تي تُرت ٻڌڻي ڪئي وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.