ڪراچي( رپورٽر) دعا زهرا جي والد مهدي ڪاظمي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مون تي الزام تراشي ڪئي وڃي، مونکي قادياني چيو ويو آهي، مان ته مسلمان آهيان پر جيڪڏهن ڪنهن قادياني سان به اهو مسئلو ٿي ها ته ڇا اهو صحيح هو؟ هن چيو ته مون تي ڪيسن بابت به الزام لڳايو ويو آهي ته مون تي ايف آئي اي ۾ ڪيس آهن، جيڪڏهن آهن ته ثابت ڪيو وڃي.03