”اسان معيشت جو اهو حال ڪري ڇڏيو آهي جو ڪڏهن ٺيڪ نه ٿي سگهندي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي حڪومت وڃڻ ۽ گڏيل حڪومت اچڻ کانپوءِ ملڪي معاشي صورتحال تي ٻنهي ڌرين طرفان هڪٻئي خلاف بيان بازيءَ جو سلسلو جاري آهي.

گڏيل حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 3 ڀيرا واڌ ڪري چڪي آهي ۽ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل سميت ٻيا حڪومتي اڳواڻ اهو جواز ڄاڻائيندا رهيا آهن ته مهانگائيءَ جي ذميوار تحريڪ انصاف حڪومت آهي، ان جي معاشي پاليسين سبب ملڪ ۾ مهانگائي ٿي رهي آهي.

ن ليگ اڳواڻن جو موقف آهي ته آءِ ايم ايف سان تحريڪ انصاف جي حڪومت معاهدو ڪيو هو، جڏهن ته عمران خان کي خبر هئي ته سندس حڪومت وڃڻ واري آهي، تنهن ڪري هن پيٽروليم شين جا اگهه ڄاڻي واڻي برقرار رکيا.

هوڏانهن تحريڪ انصاف اڳواڻن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي دور ۾ ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي هئي، هاڻوڪي حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيندي.

هاڻ سينيئر صحافي دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ وڏي ليڊر جو ٽيليفون رڪارڊ پڪڙيو ويو آهي، جنهن ۾ هو ملڪي معيشت جي حوالي سان ڳالهائي رهيو آهي.

صحافيءَ جي دعويٰ موجب پڪڙيل ٽيليفون رڪارڊ ۾ هو چئي رهيو آهي ته اسان جيڪو معيشت جو حال ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڪڏهن به ٺيڪ نه ڪري سگهنداسين.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻن پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جي معاملي تي هڪٻئي تي لفظي گولاباري ڪئي هئي.

مفتاح اسماعيل چيو هو ته پاڪستان جا ڪُل عوامي قرض پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ 24 هزار 953 ارب رپين مان وڌي 44 هزار 366 ارب رپيا ٿي ويا، جيڪا 78 سيڪڙو واڌ ٿئي ٿي، جڏهن ته ان تي شوڪت ترين چيو هو ته پي ايم ايل (ن) پنهنجي حڪومتي دور ۾ قرضن ۾ 79 سيڪڙو واڌ ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.