اظهر علي ” وائٽ بال “ ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ تيار

پاڪستان ڪرڪيٽ جو اڳوڻو ڪپتان اظهر علي ٽن ورهين کانپوءِ وائٽ بال ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ تياري مڪمل ڪري ورتي، پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽر هن سال رائل لنڊن ون ڊي ڪپ ۾ ووسٽر شائر جي نمائندگي ڪندو.

اظهر علي آخري ڀيرو 2019ع ۾ سمرسيٽ طرفان وائٽ بال ڪرڪيٽ کيڏي هئي، 2018ع ۾ هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيندڙ اظهر علي هاڻي رڳو ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندو آهي پر اڃا به سندس وائٽ بال ڪرڪيٽ سان لڳاءُ باقي آهي ۽ هُن هلندڙ سال آگسٽ ۾ رٿيل ڪائونٽي ون ڊي ٽورنامنٽ ” رائل لنڊن ڪپ “ ۾ ووسٽرشائر جي نمائندگي لاءِ حامي ڀري ورتي.

اظهر علي جو چوڻ آهي ته هڪ ڀيرو وري لسٽ اي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي خوش آهي، ڪوشش ڪندس ته پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي ڪائونٽي ٽيم کي ڪاميابيون ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.