پاڪ فوج جي ڪارروائي ۾ دهشتگرد مارجي ويو، هڪ اهلڪار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ ضياءَ الله طور ٿي آهي جنهن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو وي آهي.

آءِ ايس پي آر موجود فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چارسده سان واسطو رکندڙ لانس نائيڪ زاهد احمد شهيد ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.