پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهين جا دور مڪمل ٿي چڪا آهن : افغان ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ بندش پيل تنظيم ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهين جا دور مڪمل ٿي ويا آهن.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جو چوڻ آهي پاڪستاني اختيارين ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهيون 2 ڏينهن اڳ مڪمل ٿي ويون، امڪان آهي ته هن ڀيري ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهچنديون.

ذبيح الله مجاهد چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهين ۾ اسان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، ڳالهيون ناڪام ٿيون ته ڪنهن کي به افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين.

افغان ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستاني طالبان اڻ اعلانيل مدي تائين ڊگهي جنگبندي جو اعلان ڪري چڪا آهن، جنگبندي سبب حملن جو سلسلو رڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.