آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي: پاڪستان پاران آمريڪا کان مدد طلب

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي بحالي لاءِ آمريڪا کان مدد طلب ڪري ورتي آهي، ڇو ته حڪومت پاران هيل تائين ڪيل گهڻن سخت قدمن باوجود عالمي مالياتي ادارو اڃا تائين اسٽاف ليول معاهدي تي راضي نه پيو ٿئي، حڪومت جي اقتصادي ٽيم پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ۽ ان ڏس ۾ هن کي مدد جي درخواست ڪئي، ذريعن ايڪسپريس ٽريبيون کي ٻڌايو ته آمريڪي سفير کي آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي ۽ معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو آهي، آمريڪي سفير سان ملاقات ڪندڙ ٽيم ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا شامل هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.