سيوهڻ جي آر او تي حڪومتي ڌر هجڻ جو الزام، ايس يو پي جو آفيس اڳيان احتجاج

سيوهڻ(ن ع آ) سيوهڻ ۾ ايندڙ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان گذريل ڏينهن سيوھڻ جي آر او آفيس ۾ ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ سوين اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان رٽرننگ آفيسر سيوھڻ جي آفيس ۾ پيپلزپارٽي، ايس يو پي، تحريڪ انصاف، تحريڪ لڀيڪ, شيعا علماء ڪائونسل, سميت مختلف سياسي سماجي مذھبي جماعتن جا اميدوار ۽ آزاد اميدوار پنهنجي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ آر او آفيس پهتا. ٻئي طرف ايس يو پي اميدوارن پاران ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ واري عمل ۾ دير ٿيڻ تي آر او سيوھڻ پانڌي خان ٽالپر تي حڪومتي ڌر ھجڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. ايس يو پي اميدوارن پاران روشن ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ آر او سيوھڻ  خلاف سيوھڻ ھاء اسڪول ۾ آر او آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ  پارٽي جي ايس يو پي اميدوار ۽ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو الزام لڳائيندي چيو ته آر اوز ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ دير ڪري پ پ مخالف اميدوارن کي مھانگائي جي ڏکئي دور ۾ رلائي تنگ ڪري رھيو آهي ۽ ھو ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڏينهن بجاء شام جي وقت وڏيرن جي اوطاقن تي ڪرڻ چاھين ٿا, آر اوز کي 5 ڏينهن اڳ وڏي وزير سيوھڻ پھچي اھڙيون هدايتون ڏنيون آهن جيڪا پولنگ کان اڳ ڌانڌالي آهي جنھن جي سخت مذمت جوڳو عمل آهي. اڳواڻن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته آر اوز جي جانبدار هجڻ جو نوٽيس وٺي چونڊن جي شفافيت کي يقيني بنايو وڃي ٻي صورت ۾ ھو سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

  • ڪرونڊي ۾ جي ڊي اي جو تاريخي جلسو، پ پ جي تڏا ويڙهه ٿيندي: مقرر

ڪرونڊي (ن ع آ) جي ڊي اي طرفان  ٽائون ڪاميٽي ڪرونڊي   جي 3 وارڊن جو  اختر حسين راڄپر جي رهائشگاه تي تاريخي  جلسو  ڪيو ويو جلسي ۾ ٽائون ڪاميٽي ڪرونڊي جي 3 وارڊن جي  ماڻهن شرڪت ڪئي    ان موقعي تي جلسي کي  خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻن  اختر  خان راڄپر خادم حسين علي جان سيد شڪيل شاه اسد الله راڄپر ۽ ٻين چيو ته  پ پ پ سنڌ کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڦر لٽ جو راج قائم ڪيو آهي جي ڊي اي  پ پ جي متبادل آهي جيڪا سنڌ کي ترقي ڏيارڻ چاهي ٿي . سنڌ جا روڊ رستا اسڪول اسپتالون تباه ٿي ويون آهن  پ پ وارن سنڌ جي ماڻهن کي ڪجهه به نه ڏنو ميونسيپل جا پئسا به کائي ويا   سنڌ ۾ نياڻين سان ڏاڍائي ٿي رهي آهي پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناهي هنن چيو ته  هاڻ سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ جا خواب ڏسندڙن جا خواب چڪنا چور ڪنداسين ۽ خواب ڏسندڙ هاڻ گهرن کان ٻاهر نه نڪري سگهندا  هنن چيو ته اڄ پ پ پ حڪومت صحت تعليم کي تباه ڪري ڇڏيو آهي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون نه ٿيون ملن  ٿر جا ٻار بک سبب مري رهيا آهن  هنن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ٿو ملي گٽر مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن  هنن چيو ته پ پ پ هاڻ  زرداري ليگ بڻجي وئي آهي هاڻ جي ڊي اي جا اميدوار ئي ڪامياب ٿيندا هنن چيو ته جي ڊي اي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي  ۽ عوامي سياست ڪري ٿي هنن چيو ته مخالفن  اسان جي اميدوارن جا فارم رد ڪرايا هنن چيو ته هاڻ عوام پ پ وئمان بيزار ٿي چڪي آهي.

  • اسان هميشه سنڌ ۾ ٻرندڙ مسئلن تي آواز اٿاريو: ناصر سومرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾  بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊ مهم جي حوالي سان جي يو آءِ اڳواڻ مولانا ناصر خالد محمود سومرو طرفان يو سي هڪ،  يوسي ٻه جي اميدوارن ۽ ٻين معززين جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ شهر جي مختلف علائقن مان ۾ آزاد اميدوار طور بيٺل مختلف يوسيز حيدري ٽائون جي آزاد اميدوار حاجي عبدالستار کوسو، وائيس چيئرمين عاشق علي عرف خان ڪورائي، ايمپائر ٽائون يو سي ون ۽ وارڊ جي آزاد اميدوار ڪائونسلر وزير علي چنه، يوسي وارڊ جي جنرل ڪائونسلر جي اميدوار عبدالاحد، يو سي ٽي وارڊ جي ڪائونسلر عبدالرشيد سومرو تمام اميدوارن سميت مختلف برادرين مري، کوسه، سانگي، بروهي، سيال ۽ چنه برادرين جي معزز شخصيتن لاڙڪاڻو عوامي اتحاد ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. آجياڻي کي خطاب ڪندي مولانا راشد خالد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو، جي ڊي اي جي ايم پي اي معظم علي عباسي، ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، محبت علي کهڙو، علي حسن ڏهاڻي، مولانا الياس چنو، مولانا حميدالله سيال، يوسي هڪ جي چيئرمين علي حسن ڏهاڻي، وائيس چيئرمين محمود الحسن سومرو، يوسي ٽو جي چيئرمين سڪندر علي مينگل، وائيس چيئرمين پپن سومرو سميت ٻين خطاب ڪندي چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ دشمنن کي کي ٽف ٽائيم ڏينداسين، اسان هيمشه سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلن تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آهي پيپلزپارٽي جا نمائندا بلاول ڀٽو کي گمراهه ڪري رهيا آهن

  • ڪنڊيارو  ۽ مٺاڻي ۾ مڪاني چونڊ، سرگرميون، جي يو آءِ پاران ريلي

ڪنڊيارو / مٺياڻي ( نمائندن وٽان ) ڪنڊيارو ۾ مڪاني چونڊون ويجهو ٿيندي ئي چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون آھن، جي يو آءِ ڪارڪنن پاران ڪنڊيارو ۾  ريلي،پڪا گهانگهرا  ۽  سيدو باغ ۾ عوامي جلسن  ۾ جي يو آءِ  سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومري جي خطاب بعد مختلف پارٽين جي بيهاريل اميدوارن ۽ آزاد اميدوارن پاران  ووٽ وٺڻ ۽ ڪاميابي لاءِ ڪارنر گڏجاڻين ۽ گهر گهر ورڪ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آھي، ان حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ڪنڊيارو ٽائون ڪميٽي جي وارڊ پھرئين  ۽ پنجي وارڊ جي پيپلرز پارٽي پاران سيد شاپنگ سينٽر وٽ  ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ وارڊ هڪ ۽ پنج جي ووٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ پ پ تعلقه ڪنڊيارو جي صدر، ٽائون ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين ۽ حاليه مڪاني چونڊن ۾ ڪنڊيارو ٽائون ڪميٽي جي وارڊ 02 جي بنا مقابلي ڪامياب جنرل ڪائونسلر سيد غلام مرتضي` شاهه يوسي غلام شاهه جي پ پ چئرمين اميدوار طارق علي منڱريو،پ پ اميدوارن سيد عابد علي شاھ۔ مير خان سھتو، شوڪت قريشي، اصغر قريشي، اڪرم قريشي، حافظ سڪندر ڏيپر  نعيم جان ڏھراج ياسر گهانگھرو، عابد قريشي،اڪرم قريشي خطاب ڪيو۔ ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ حمايتي ووٽرن کي خطاب  ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي اميدوار پنهنجي عوامي خدمت جي ڪري عوام ۾ مقبول آھن،هن ڀيري به انهن جي ڪاميابي يقيني آھي۔ٻئي پاسي  وارڊ 04 جي يو آءِ اميدوار مولانا عبدالمجيب سومرو ڪريم شاهه ڪالوني، آزاد اميدوار منوري ڪليري وارڊ 05 جي آزاد اميدوار مظفر علي خان پنهنجي وارڊن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺائي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

  • مقصودي ۾چونڊ چهچٽو، سرگرميون تيز

مقصودورند (ن ع آ ) مقصودورند جي يوسي لنڊو تي بلدياتي اليڪشن ۾  جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان  اليڪشن وڙهندڙ  فنڪشنل مسلم  ليگ اميدوارن  جون سرگرميون تيز ٿي ويون  آهن گزريل ڏينهن  جي ڊي اي طرفان يوسي  لنڊو جي چيئرمين جي  اميدوار رئيس الطاف حسين رند  وائيس چيئرمين جي اميدوار راڻا شوڪت راجپوت  لنڊو مقصودورند  ڳوٺ خان رند  ڳوٺ يارو رند  سميت مختلف ڳوٺن علائقن جو دورو ڪري مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻيون پڻ ڪيون ڪيترن ئي علائقي جي معزز شخصيتن سان ملاقات ڪري حمايت حاصل ڪئي  جڏھن ته علائقي جي مختلف برادرين جي معززين  فنڪشنل مسلم ليگ  جي يوسي چيئرمين اميدوار رئيس  الطاف حسين رند  جي حمايت جون اعلان پڻ ڪيو ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي  جي ڊي اي يوسي  لنڊو جي چيئرمين اميدوار رئيس الطاف حسين رند وائيس چيئرمين جي اميدوار راڻا شوڪت راجپوت چيو ته علائقي اندر  عوام کين ڀرپور موٽ ڏيئي رهي آهي علائقي جو عوام 26 جون تي جي ڊي اي اميدوار کي ڪامياب ڪندو هنن وڌيڪ چيو ته فنڪشنل مسلم ليگ ۽  ان جي قيادت هميشه اصولن جي  سياست ڪئي آهي ۽ اسان سياست کي هميشه عبادت سمجهي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ عوام جي خدمت جاري رکنداسين.

  • اسان جو ڪنهن به سياسي جماعتن سان تعلق ناهي: جاني شاهه

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شيعه تنظيم  ولايت علي پاڪستان سنڌ جي صوبائي سربراهه سيد علي رضا  عرف جاني شاهه لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته شيعه تنظيمون شروع کان ٻن حصن ۾ ورهايل آهن جنھن ۾ هڪڙي تنظيم جو نالو تڪليدي ۽ ٻئي جو نالو اثنا عشري تڪليدي تنظيم آهي جيڪي پنهنجن عالمن جي جي فتوائن تي هلندا آهن، اثنا عشري قرآن ۽ حديثن تي عمل ڪندا آهن ۽ پاڪستان جي آئين مطابق اصولي شيعه آهن ۽ پاڪستاني شهري آهن، اسان لاءِ غلط تاثر پيدا ڪيو پيو وڃي اسان جو ڪنهن به سياسي جماعتن سان تعلق نه آهي. هن چيو ته مخالف ڌڙو 40 سالن کان اسان مٿان حاوي آهن اسان جو ڪنھن به ملڪي شيعن سان جهيڙو نه آهي، 2019 ۾ لاهور ۾ ڪنوينشن ڪوٺايو ويو هو جنهن ۾ سنڌ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو، سنڌ جي شيعن ساٿ ڏنو هن وقت اسان جي ميمبرشپ 67 هزار آهي. هن چيو ته اسان جو ڪنهن به ملڪ سان ڪو به سياسي تعلق نه آهي، مون مٿان گذريل وقت ۾ بيگناهه پابنديون لڳايون ويون جنهن جو سموري سنڌ مان ري ايڪشن آيو هو، اسان جو مقصد ملڪ جي حفاظت ايندڙ نسلن کي دهشتگردي کان بچائڻو آهي. پاڪستان مان خمس گڏ ڪري ڪروڙين جي تعداد ۾ ٻاهرين ملڪن ڏي موڪليو وڃي ٿو. هن سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي ته خمص جي وزارت قائم ڪئي وڃي اسان مٿان ظلم ڪيو ٿو وڃي اسان کي صرف لاڙڪاڻي کان سواءِ ڪٿي به مجلسون نه ٿيون ڪرڻ ڏنيون وڃن. ان موقعي تي غلام شبير، ممتاز سومرو، سفير شاهه صدرالدين ابڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

  • چڪ شهبازپور لڳ لنڊ گروپ، جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ سرگرم

چڪ شهباز پور (رپورٽ : جاويد لاشاري )  چڪ شهباز  گھوٽڪي ضلعي جي شھر چڪ شهباز پور سميت مختلف علائقن ۾ پ پ جي لنڊ گروپ  جي ڊي اي جي مھر گروپ جمعيت علماءِ اسلام توڙي جو بلدياتي چوندن ۾ حصو وٺندڙ آزاد اميدوارن بلدياتي چونڊون ويجهو ايندي ئي ورڪ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آھي اڳوڻي ايم پي اي  رحيم بخش بوزدار ۽ صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ عبدالباري پتافي جا ووٽر ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آھن جن جي يوسي سيدپور تي لاڳاپيل ووٽرن جو چوڻ آهي ته ھن وقت تائين اسان کي اشارو ڪون مليو آهي جيئن اشارو ملندو ته  پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪندا اسان کي جيئن ئي اشارو ملندو ووٽ ان کي ڪنداسين ٻي طرف  لنڊ گروپ سان لاڳاپيل ڪولاچي برادري جا ڪجھه چڱا مڙس پڻ  ھن وقت تائين ٻن ٻيڙين تي سوار ھجڻ سبب صبح جو پ پ ته شام جو جي ڊي اي سان لاڳاپيل اميدوارن سان گڏجاڻين ۾ پورا آهن پر ھن وقت واضح طريقي سان يوسي سيدپور ۽ چڪ شھباز پور ۾ بيٺل لنڊ گروپ جي اميدوارن سان ورڪ ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ لنوائي رهيا آهن  ھوڏانھن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب گھوٽڪي ضلعي جي ڪيترن ئي يوسين تي  پيسن عيوض ووٽ خريد ڪرڻ جو سلسلو به جاري ساري آھي، وڌيڪ ايندڙ وقت ٻڌائيندو ته عوام ڪنھن کي ٿو ڪامياب ڪري سندن جو ساٿ ڏيندي ھوڏانھن پ پ طرفان لنڊ گروپ جي يوسي مانڌل والا جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اميدوار خالد حسين کوسو جو چوڻ آهي ته انشاءَالله يوسي مانڌل والا پ پ ڪلين سوئيپ ڪندي

  • شاهپور جهانيان ۾ مڪاني چونڊ، پ پ اميدوارن جا دورا

شاهپور جهانيان ( ن ع آ ) شاهپور جهانيان ۾ بلدياتي اليڪشن جون سرگرميون تيز ٿي ويون پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار جاويد علي ڏاھري ۽ ايس يو پي اڳواڻ عبدالفتاح ٻگهيو جا عوام سان ملڻ جا طوفاني دورا جڏھن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار جاويد علي ڏاهري جو آجياڻو شاهپور جهانيان جي معزز شخصيت ديدار احمد ٻگهيو،ايڊوڪيٽ زاھد احمد ٻگهيو، غلام مصطفي ۽ غلام مرتضي ٻگهيو جن سندس استقبال سوين گاڏين جي ريلي ۽ گلن جي ورکا سان ڪيو جڏهن ته آجياڻي ۾ معزز شخصيتن سياسي، سماجي صحافين سينئر صحافي نعيم احمد چنا، حاجي غلام نبي، ٻگهيو، عبدالله ٻگهيو، ارباب علي چنا فضل محمد ٻگهيو، امين ڏاھري، ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انهيءَ موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ديدار احمد ٻگهيو چيو ته اسان بابا مرحوم حاجي احمد خان ٻگهيو وانگر اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر بھادر خان ڏاهري سان هميشه جيان گڏ آهيون ۽ گڏ رهنداسين ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي اميدوار جاويد علي ڏاهري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي عوام جو ساٿ ڏنو ،هن پنهنجي جان جي بازي لڳائي عوام جو ساٿ ڏنو ۽ اسان شهيد محترمه جو اڌورو خواب پورو ڪندس، ان لاءِ 26 جون تي تير کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا،

  • ننگرپارڪر سياسي آکاڙو بڻجي ويو،پ پ جي باغي گروپ تي وڌيڪ هڪ ڪيس داخل

ننگرپارڪر(رپورٽ:لياقت سمون) ننگرپارڪر  مڪاني چونڊن دوران سياسي آکاڙو بڻجي ويو، پ پ جي چونڊيل نمائندن مخالف اُميدوارن کان انتقام وٺڻ لاءِ آمريت واري دور جي ياد تازي ڪري ڇڏي. حڪومتي ڌُر پوليس کي مخالفن خلاف استعمال ڪندي آزاد اُميدوارن ۽ سندن حمايتن خلاف ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي آهي،اُن سلسلي ۾ پ پ اڳواڻن يوسي هاڙهو تي بيٺل آزاد پينل جي اُميدوار جگسي ڪولهي کي پ پ اُميدوار جي حق ۾ رٽائر ڪرائڻ بعد ساڳئي اُميدوار جي فرياد تي سندن ئي آزاد پينل جي اُميدوار پ پ جي باغي اڳواڻ عبدالغني کوسو،محمد رحيم کوسو ۽ عبدالغفور کوسو سميت پينل جي 17 حامين خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪرائي ورتو.ڪيس داخل ٿيڻ بعد غني کوسو ۽ ٻيا ضمانت لاءِ مٺي جي عدالت پهتا،عدالت ڪيس ۾ نامزد پ پ جي باغي آزاد اُميدوارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي. هوڏانهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ڌُريون آمهون سامهون هجڻ ڪري ڪنهن به وقت خونريزي جو خطرو موجود آهي. پ پ جي باغي اڳواڻن ۽ پنهنجي ئي آزاد پينل جي اُميدوارن تي ڪيس داخل ڪرائيندڙ جگسي ڪولهي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته مون کي وارڊ جي سيٽ تان دستبردار ٿيڻ تي عبدالغني کوسو ۽ ٻين ھٿيارن سان گھر ۾ داخل ٿي مارڪٽ ڪرئي، منھنجو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ضروري دستاويز گڏ کڻي ويا،گھر جو سامان به ٽوڙيو ويو جڏهن ته رئيس عبدالغني کوسو چيو آهي ته پ پ جي سموري سرڪاري مشينري مخالفن خلاف استعمال ڪئي پئي وڃي، اسان آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهي رهيا آهيون،جتي اسان جي پوزيشن مضبوط ڏسي پ پ جا چونڊيل نمائندا بوکلائجي ويا آهن،جيڪي اسان تي روزاني ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن،ننگرپارڪر ۾ سرعام دهشت پکيڙي پئي وڃي،پوليس مڪمل طور تي ونگاري بڻجي وئي آهي،اسان جي ماڻهن تي 2 ڪيس داخل ڪرڻ بعد خوف حراس پکيڙيو پيو وڃي،پ پ جا چونڊيل نمائندا ماحول خراب ڪري رهيا آهن،ڪنهن کي به اليڪشن وڙهڻ نه ٿي ڏنو وڃي،پ پ اڳواڻ هٿ وٺي رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهن ٿا،اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي اليڪشن فوج جي نگراني ۾ ڪرائي.

  • سجاول جي سياسي صورتحال تبديل،پ پ کي ٽف ٽائيم

سجاول (رپورٽ:منظور ميمڻ) سجاول ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ اميدوار ميدان تي اچي ويا.هن ڀيري سجاول  ضلعي ۾ پ پ سان مقابلي لاءِ هر سيٽ تي جي يو آءِ،  ٽي ايل پي، ايس يو پي،  پي ٽي آءِ، راهه حق کان علاوه وڏي تعداد ۾ آزاد اميدوارن فارم ڀرايا آهن.سجاول سٽي ٽائون ڪميٽي جي 11 وارڊن تي 97 اميدوارن فارم ڀرايا، سڀ کان وڌيڪ  وارڊ نمبر 6 ۾ 17 اميدوارن فارم ڀرايا جڏهن ته وارڊ نمبر 5 ۾ 16 ۽ وارڊ نمبر 8 ۾ 13 اميدوار آهن. پ پ ۽ جي يو آءِ جا اميدوار هر وارڊ ۾ آمهون سامهون آهن.هوڏانهن ملڪاڻي ۽ شيرزاي گروپن ۾ اختلاف سبب پ پ ضلعي قيادت اڃا تائين ٽڪيٽن جو اعلان نه ڪيو آهي،ان ڪري پ پ جي ٽڪيٽ هولڊرن ۽ پ پ کان ٽڪيٽ نه ملندڙ ۾ به سخت مقابلي جو امڪان آهي.

  • عوام ڦرلٽ ڪندڙ جماعتن مان بيزار آهي : امير آزاد

بدين ( ڊر ) ايس يو پي اڳواڻ  امير آزاد پنھور پيپلز پارٽي جي سامھون فارم ڀرائي   ڇڏيو، پوري سنڌ جي پيپلز ڀينگ ڪري ڇڏي آھي يونين ڪائونسل کور واھ تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل تي سندس فارم بحال ٿي ويو فارم بحال ٿيڻ بعد ايس يوپي اڳواڻ امير آزاد پنھور چيو ته سنڌ جو پاڻي ھڪ طرف پنجاب چوري ڪري رھيو آھي ته ٻئي طرف وري  سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ جي نا اھلي سبب پاڻي پورو نه ملي رھيو آھي  پاڻي  سنڌ ۾ چوري ٿي رھيو آھي غير قانوني واٽر سياسي جماعت جا آھن جن عوام کي لٽيو ۽ ڦريو آھي پيپلز پارٽي مان عوام بيزار ٿي چڪو آھي ،عوام انھن کي رد ڪري چڪو آھي اسان عوام جي ڳالھه ڪيون ٿا جڏھن ته ھو روڊن . پاڻي چوري جي ڳالھه ڪن ٿا ھن اليڪشن ۾ کين بري شڪست نصيب ٿيندي ڀوتار وڏيرا سڀ گڏجي عوام کي بيوقوف بنائي ووٽ وٺڻ جي سازش ڪري رھيا آھن پر عوام کين رد ڪري چڪو آھي ڇڏيو آھي .

  • سهولتون ڏيو، ڳوٺاڻن جو ووٽ ڏيڻ کان انڪار، موري ۾ ريلي

مورو ( ن ع آ ) موري شھر جي رھواسين 15وارڊ ۾ ووٽ ڏيڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو،شھرين نول محلا کان ريلي ڪڊي لاھوتي چونڪ  تي پھتي جتي مظاھرين ٽرانسفارم ۽ ٻيون بنيادي سھولتن جي کوٽ خلاف سخت نعري بازي ڪئي،ريلي ۾ وارڊ 15جي رھواسين جو وڏو تعداد شامل،ريلي جي اڳواڻي،شاھنواز سنڌي، اظھر علي ڀٽي،حاڪم علي سوھو،اشرف لغاري،۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي شھرين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ت اسان جي وارڊ ۾ ٻه ٽرانسفارم ڪيتري عرصي کان سڙيل آھن،جنھن جي ڪري سخت تڪليفن ۽ ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيا آھيون،مسجد،گھرن ۾ پاڻي پيئڻ لائي ميسر ناھي،گھرن ۾ پيرسن ،مرد،عورتون،معصوم ننڊا ٻار عذاب ڀوڳي رھيا آھن، سيپڪو اختيارين جي بار بار وڃڻ بعد به داد رسي ناھي ٿي،عملو ڳوري رشوت طلب ڪري ٿو،وارڊ 15سياسي انتقامي جي ور چڙھي ويو آھي،ڪي به بنيادي سھولتون ميسر ناھن،شھرين اھو مطالبو رکيو ته وارڊ 15 تي بيٺل سمورين سياسي ڌرين مان جنھن به اسان کي سڙيل ٽرانسفارم تبديل ڪري ڏنا ان کي اسان ووٽ ڏينداسين  نه ته ٻئي صورت ۾ اسان پنھنجي تڪ ۾  ڪنھن کي به ووٽ نه ڏينداسين،

  • ٺل ۾ مڪاني چونڊ، آميدوارن سرگرم، مختلف علائقن ۾ دورا

ٺل (رپورٽ : سيد زين شاھ )ٺل جي يوسي بهادرپور ۽ مدد پور ۾ ضلعي ڪائونسل جي اميدوار رحمت الله کوسو پنهنجي پارٽي جي خلاف بهادرپور يوسي تي ضلعي ڪائونسل جي عهدي لاءِ پنهنجا مددپور يوسي تي پٽ سمعي الله کوسي جا فارم پ پ خلاف ڀرائي آزاد پينل جوڙي گڏيون،  پارٽي مون کي ٻئي ٽڪيٽون نه ڌيئي مون سان نا انصافي ڪئي آهي آء ٻنهي يوسين تي کٽي ثابت ڪندس ته عوام ڪنهن سان گڌ آھي  ان پاور شو ڏيکارڻ لاءِ ڪجھه ڏينهن اڳ بهادرپور ۾ ڪارنر گڏجاڻي گهرائي ريلي به ڪڍي  ٻئي پاسي يوسي بهادرپور جي لا پيپلز پارٽي پاران ضلع ڪائونسل لاءِ مقدم ولي محمد بنگلاڻي چيئرمين لاءِ علي نواز ٽانوري ۽ وائيس  چيئرمين لاءِ  ميرحسن بهراڻي کي ٽڪيٽ  جاري ڪيا ويا گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي طرفان پيپلز پارٽي جي ڊويزنل صدر ۽ جيلن جي وزير جي صوبائي صلاحڪار  اعجازحسين جکارڻي جي ننڊي ڀاءُ خالد حسين جکراڻي سردار غلام مصطفي خان ٽانوري بابو خان بروهي مقدم گنج بخش گولو مقدم ولي محمد بنگلاڻي  ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ پاورشو ڏيکارڻ لا ريلي ڪڍي ڀٽاڳڙھي بهادرپور خانپور سميت سڄي يوسي جو گشت پڻ ڪيو خالد حسين جکراڻي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته رحمت الله کوسو پارٽي خلاف فارم ڀرائي مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو جڌهن ته ريلي ۾ ايترا ماڻهو گڏ ٿي پيپلز پارٽي عهديدارن جي ڪاميابي جو اڳ ۾ اعلان ڪري ڇڏيو آهي رحمت الله کوسو پارٽي ۾  رهي عوام  کي تڪليفون ڏنيون ان خلاف ڪافي شڪايتون مليون ۽  ماڻهن غلط افواهون ڦھلايون آھن  ته پيپلز پاٽي جون اندروني طور تي رحمت الله کوسو سان همدرديون آهن جيڪي ايئين سمجهن ٿا اهي احمڪن جي دنيا ۾ رهن ٿا . ان موقعي تي غلام مصطفي خان  ٽانوري ٻين  خطاب ڪيو

  • هالاڻي ۾ مڪاني چونڊ، سرگرميون، مختلف علائقن جا دورا

ھالاڻي  ( ن ع آ )  ھالاڻي جي يوسي ھوت خان جلباڻي، يوسي لاکاروڊ تي چونڊ چھچٽو تيز ٿي ويو پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن  کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ  پ پ اڳواڻن حاجي امداد علي چانگ ۽ سردار گل حسن مشوري جا يوسي ھوت خان جلباڻي ۽ لاکاروڊ جي سڀني وارڊن جي ميدانن ۾ لھي پيا يوسين جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايو ڳوٺ جلباڻي ۾ استاد عبدالرزاق جلباڻي ، اظھر علي جلباڻي، يوسي لاکاروڊ ۾ سونو خان ڏاھري،رضا ڏاھري، لاکاروڊ جي شھر ۾ فياض احمد لوڌي ، اقبال ڏاھري ڳوٺ دلاور وگھيو، ڳوٺ ملوڪ چانديو ، ڳوٺ مؤمن علي شر سميت سوين ماڻهن پاران آيل مھمانن حاجي امداد علي چانگ،سردار گل حسن مشوري ۽ ٻين کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍايا ۽ سندن مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي، ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سردار گل حسن مشوري ۽ حاجي امداد علي چانگ چيو ته يوسي ھوت خان جلباڻي ۽ يوسي لاکاروڊ ۾ پ پ جي پوزيشن مضبوط آهي مڙني وارڊن تي پ پ  جا اميدوار ڪامياب ٿيندا ،ان موقعي تي ڳوٺ ھوت خان جلباڻي جي 40 سالن کان جتوئي گروپ سان لاڳاپيل محمد پريل جلباڻي پنھنجي سموري خاندان سميت ۽ سائين محمد ابراهيم سمون ، محمد خان سمون سموري سما برادري سميت پ پ اڳواڻ سردار گل حسن مشوري جي ھٿ تي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو .

  • مهر گروپ جي حمايتن تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿين ٿا: راجا خان مهر

گهوٽڪي (ڊ ر )گهوٽڪي ۾ آزاد اميدوارن جي ورڪ لاءِ مهر گروپ جو اڳواڻ ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مهر هنڌون جي مندر وڏي دربار  پهتو، جتي هندو برادي پاران ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مهر جو گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو، ميونسپل ڪامٽي گهوٽڪي جي وارڊ نمبر 12 جي اميدار اشوڪ ڪمار هيمراجاڻي ۽ وارڊ نمبر 14 جي اميدار سڌام چند ڪيولراماني پاران وڏي دربار ۾ پروگرام ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ گهوٽڪي جي هنڌو برادري سميت مختلف برادرين جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مهر مڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته گهوٽڪي شهر واسين جي اڳ ۾ به مھر گروپ خدمت ڪئي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به پاڻ سڀ گڏجي گهوٽڪي شهر جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، مهر گروپ جي هميشه روايت رهي آهي ته پنهنجي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ٻيندا آهيون، مهر گروپ جي حمايت يافته اميداورن کي حراسان ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ اها مخالف جي پراڻي عادت آهي، مهر گروپ جا ماڻهون ڪڏهن به ڪنهن کان ڏجڻ وارا ناهين، پ پ وارن جيڪي ماڻهون وارڊن تي ٻيارهيا آهن، اڪثر ڪري اهي ڪراچي جي بنگلن تي آرامي هوندا آهن يا اهي ڏوهاري قسم جا ماڻهون آهن، هنن هئي 2007 ۾ گهوٽڪي جي هنڌو برادري جا ڪاروبار تباهه ڪيا هيا هاڻي ڪهڙي مون سان ووٽ وٺڻ اچڻ ٿا، ان موقعي تي اڳوڻو ميونسپل ڪامٽي جو چيئرمين سيد اصغرعلي شاهه گيلاني، سيد الله وڌايو شاهه، مکي ڪيڪا رام، ڊاڪٽر اي آر ملڪ، ٽيڪم داس، ڊاڪٽر موهن لعل، چندر لعل، اوم لعل، وريل داس، ايشور لعل ۽ ٻيا موجود هئا.

  • جئي ڀٽو جي نعرن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي: مير يحيٰ بلو

پنوعاقل ( ت ر ) پنوعاقل تعلقي جو عوام سڄاڳ ٿي ۽ آزمائيل چھرن کان پاسو ڪري،ھاڻي خالي نعرن ۽ اعلانن جو وقت ختم ٿي چڪو آھي،20 سالن کان عوام جي اکين ۾ مرچ وجھي جيئي ڀٽو جا نعرا ھڻي ڪروڙين رپيا ھڙپ ڪندڙ جيالن جو دورو ختم ٿيڻ وارو آھي،اھڙو اظھار جمعيت علماءِ اسلام جي سرگرم اڳواڻ ۽ پنوعاقل ۾ 17 يوسيون 16 وارڊن تي نامزد اميدوارن جي اڳواڻي ڪندڙ مير يحيٰ خان بلو يوسي ڪوٽ بلا،يوسي ننداپور يوسي ملاعلي،سلطانپور،بائيجي،نرڇ ،سانگي ۽ شھر جي 16  وارڊ جي مختلف ھنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين چانھ پارٽين ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ خطاب ڪندي ڪيو،ھن چيو ته ھاڻي ماڻھن ۾ شعور اچي چڪو آھي،26 جون تي سڄاڳ ماڻھون ڪتاب جي نشان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندا،مير يحيٰ خان بلو چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ مولانا فضل الرحمان جا نامزد اميدوار ڪامياب ٿيندا ته جئين اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ حقيقي اسلامي قانون نافظ ٿي سگھي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا محمد صالح انڍڙ،مولانا غلام اللھ ھاليجوي،مير مبين خان بلو،حافظ علي اڪبر عباسي ۽ ٻيا ھئا.

  • بٺوري ۾مڪاني چونڊون، چئن وارڊن تي 32 اميدوارن جا فارم جمع

ميرپور بٺورو (رپورٽ:شوڪت سومرو) ميرپور بٺورو ٽائون ڪميٽي سميت مختلف يونين ڪائونسلن تي مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾  نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جو وقت مڪمل ٿيڻ تي ٽائون ڪميٽي جي چئن وارڊن تان جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي 32 اميدوارن فارم جمع ڪرايا. رٽرننگ آفيسر پاران جاري ڪيل لسٽ موجب چئني وارڊن تي اميدوارن فارم جمع ڪرايا، انهن ۾ وارڊ نمبر هڪ تي اقبال شورو، وڪيل جبار کٽي ۽ جي يو آءِ جي اميدوار طفيل کٽي سميت 9 اميدوارن، وارڊ نمبر 2 تي ايم پي اي هير سوهو جي ڀاءُ اياز سوهو، غلام علي خواجه، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر يوسف ڪنڀار سميت 7 اميدوارن، وارڊ نمبر 3 تي سڀ کان وڌيڪ 10 اميدوارن فارم جمع ڪرايا، جن ۾ پيپلز ڊاڪٽرس فورم جي ڊاڪٽر قاسم خواجه، صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب بٺورو جي جنرل سيڪريٽري شاهد سمون ۽ جي يو آءِ جي مولوي طاهر کٽي سميت ٻيا اميدوار شامل آهن، جڏهن ته وارڊ نمبر 4 تي اڳوڻي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين اياز ميمڻ، پ پ جي ڪانڊيرو خاصخيلي ۽ جي يو آءِ جي محمد پرهياڙ سميت چئن اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي پاران اڃا تائين اميدوارن مان ڪنهن کي به ٽڪيٽون ڏيڻ بابت حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي، هوڏانهن تعلقي ميرپور بٺورو جي مختلف يونين ڪائونسل تي به نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن، جن مان يونين ڪائونسل جھوڪ تي چيئرمين جي سيٽ تي 7 اميدوارن، ضلعي ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ 10 اميدوارن ۽ چئن ڪائونسلرن جي سيٽن لاءِ 24 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، يونين ڪائونسل شاھ محمد شاھ ۾ چيئرمين جي سيٽ لاءِ 8، ضلعي ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ 5 ۽ چئن ڪائونسلرن جي سيٽن لاءِ 17 اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن، يونين ڪائونسل حسين پور ۾ چيئرمين جي سيٽ لاءِ 2، ضلعي ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ 5 ۽ چئن ڪائونسلرن جي سيٽن لاءِ 6 اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن، يونين ڪائونسل لائق پور ۾ چيئرمين جي سيٽ لاءِ 6، ضلعي ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ 9 ۽ چئن ڪائونسلرن جي سيٽن لاءِ 24اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن، بچل گگو  ۾ چيئرمين جي سيٽ لاءِ 8، ضلعي ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ 7۽ چئن ڪائونسلرن جي سيٽن لاءِ 13 اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن.

  • ڳيريلي ۾ مڪاني چونڊ، سرگرميون، اڳوڻي ايم اين اي  جي آجيان

ڳيريلو (ن ع آ) ڳيريلو ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان پ پ جي اڳوڻي ايم اين نظير احمد ٻگهيو جا ٽائون ڪاميٽي ڳيريلو سميت يوسي  ماٽو ۾ مختلف وارڊن ۾ طوفاني دورا عوام پاران کيس ڀرپور موٽ،  پ پ جي  اڳوڻي ايم اين اي نظير احمد ٻگهيو جي مان ۾ ڳيريلو ٽائون ڪاميٽي ۾  چيئرمين جي اميدوار سعيد احمد عباسي پاران عباسي هائوس ۾ هڪ شاندار ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ ٽائون ڪاميٽي سميت يوسي ماٽو ائٽ قادربخش جي عوام ڀرپور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي نظير احمد ٻگهيو مختلف برادرين جي معزين ۽ ووٽرن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پ پ جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آهي ته هر هنڌ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو آهي ۽ ٻي روزگار نوجوانن کي روزگار فراهم ڪندي آهي هن وقت به يوسي ماٽو جي ڏيرا پل کان ڳيريلو تائين 10 ڪروڙ جي لاڳت سان روڊ ڪم شروع ٿي چڪو آهي، جنهن سبب 20 ڳوٺن کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي اچ وڃ جي بهتر سهولت ميسر ٿيندي هن ان موقعي تي  ٽائون ڪاميٽي جي اميدوارن رئيس سعيد احمد عباسي، شعيب ڪماريو ،عطاءُ الله ميئو راجپوت جڏهن ته يوسي ماٽو ائٽ قادربخش لاءِ جان محمد بروهي ،منظور علي مغيري ،اظهار علي ٻرڙو، پهلوان سنجراڻي ۽ ٻين کي ووٽ ڏيڻ جي گهر ڪئي جنهن تي سوين ووٽرن جيئي ڀٽو جي نعرن جي گونج ۾ کيس ووٽ ڏيڻ جو وچن پڻ ڪيو ان موقعي تي پ پ اڳواڻ شاهنواز ٻرڙو ،امدا علي سنجراڻي، محمد ڇٽل گاڏهي ،عمران علي زهراڻي ،عبدﷲ خان زهراڻي، شڪيل منگي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

  • پ پ ملڪ جي وڏي پارٽي آهي: محمد حسن ڌاريجو

پنوعاقل ( ت ر ) پني عاقل ۾  يوسي ڊٻ لاءِ پ پ پاران چئيرمين لاءِ نامزد اميدوار محمد حسن خان ڌاريجو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي وڏي پارٽي آھي،جنھن شھيد ذولفقار علي ڀٽو جي دور کان اڄ تائين ھميشه عوامي ڪم ڪري ماڻھون جون دليون کٽي ورتيون آھن ڳوٺ ڊٻ،ڳوٺ ظفر علي، ڳوٺ ڪرنل نيازي ۽ ٻين ڳوٺن پاڙن ۾ سي سي بلاڪ،ٽف ٽائيل،ڊرينيج سسٽم جا ڪم ڪرايا آھن، عوام ايندڙ 26 جون تي تير تي ٺپو ھڻي اسان کي ڪامياب ڪري يوسي جي مڙني ڳوٺ جا رھيل ڪم ڪري پوءِ سک جو ساھ کڻندس، ان موقعي تي  اڳوڻي صوبائي وزير ڄام سيف الله خان ڌاريجو ۽ ھاڻوڪي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو بي مثال عوامي خدمتون ڪيون آھن ۽ اسان به کين جي ھدايتون تي عوامي خدمت ڪري رھيا آھيون

  • ساڪري  ۾ 31 اميدوارن جا نامزدگي فارم جمع

ميرپور ساڪرو (ن ع آ) ميرپور ساڪري  ۾مڪاني چونڊن جو چھچٽو عروج تي پھتل آهي، ٽائون ڪاميٽي ساڪرو تي 31 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا. يوسي دٻو جي وارڊ نمبر 2 مان پ پ اميدوار سامهون ڪنهن ٻئي اميدوار فارم جمع نه ڪرايو. اڳوڻي ٽائون چئيرمين آزاد حيثيت سان نامزدگي فارم جمع ڪرايو. نامزدگي فارمن جي چنڊ ڇاڻ اڄ کان ٿي رهي آهي.رپورٽ موجب ٽائون ڪاميٽي ساڪرو جي ٽن وارڊن تي 31 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا. ٽائون ڪاميٽي ساڪرو جي اڳوڻي چئيرمين اقبال خاصخيلي آزاد اميدوار طور تي نامزدگي فارم جمع ڪرايو پيپلز پارٽي پاران عامر حسين ھديو، غلام نبي ڪنڀار ۽ فريد ھارون خاصخيلي  نامزدگي فارم جمع ڪرايا جڏهن ته يوسي دٻو جي وارڊ 2 مان جنرل ميمبر جي سيٽ تي الھبچايو ماڦڙ سامهون ڪنهن به ٻئي اميدوار ڪاغذ نامزدگي جمع نه ڪرايا اڄ کان ڇنڊڇاڻ وارو عمل شروع ٿيندو بلدياتي اليڪشن ۾ اصل مقابلو پيپلزپارٽي ۽ آزاد اميدوار وچ ۾ ٿيندو. فارم جمع ڪرائڻ وارن ۾ پ پ جو عبدالغني بگھياڙ، غلام اڪبر بگھياڙ، مقبول ھديو، طارق عزيز بلوچ، قادر بخش زنگياڻي، اسماعيل رند، حبيب الرحمان ھديو بلوچ سميت ٻيا شامل آهن.

روهڙي ۾ جي ڊي اي اميدوار جي حق ۾ آزاد هٿ کڻي ويو

سکر (  ن ع آ ) روھڙي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 2 جي ڊي اي جي اميدوار خانزادو ميراڻي جي حق ۾ آزاد اميدوار نبي بخش ميراڻي  پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي  اڳواڻ سيد غضنفر شاهه موسوي جي چوڻ تي دستبردار ٿي رھيو آھيان ۽ مان جي ڊي اي اميدوار خانزادي ميراڻي جي سپورٽ  ڪنداسين ان موقعي تي فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ سيد غضنفر شاھ موسوي چيو آهي ته فنڪشنل ليگ هميشه ملڪ جي سلامتي، خوشحالي،عوام جي حقن جي لاءِ جدوجھد ڪئي آهي، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ جي اقتدار تي سالن کان قابض بڻيل پ پ حڪمران سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيا آهن، هن اهڙيون ڳالهيون آزاد اميدوار پارن حق ۾ ھٿ کڻي وڃڻ واري تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو، ھن چيو ته ضلعي سکر مان   جي ڊي اي جا نامزد سمورا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا. فنڪشنل ليگ هميشه غريب ماڻهن جي ڳالهه ڪئي آهي، سنڌ ۾ سالن کان قابض بڻيل پ پ حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون به فراهم ناهي ڪري رهي، سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي جي حڪمرانن مان بيزار ٿي چڪو آهي، سنڌ جو عوام فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو.

  •  باهو کوسي ۾ چونڊ چهچٽو، پ پ جو پلڙو ڀاري

باهو کوسو (ن ع آ) يوسي لوگي ۾ پ پ پ, جي يو آء ۽ آزاد اميدوارن  پاران چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آھي پ پ پ اڳواڻن پنھنجن اميدوارن  جي ڪاميابي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن ان ڏس ۾ پ پ پ  يوسي لوڳي  ضلعي ڪائونسل جي اميدوار مير غضنفرعلي خان جکراڻي  جي قيادت ۾ پ پ پ  جي ٽڪيٽ تي نامزد ٿيل يوسي لوڳي چئرمين جي لاء اميدوار مير داد  محمد خان کوسو  وائيس چئرمين مظفر حسين جروار  وارڍ نمبر 1جي اميدوار نادر عيساڻي  وارڍ نمبر 2 جي اميدوار رحمت الله سندراڻي  ، وارڍ 3 جي اميدوار اسلم کوسو  جي حمايت ۾ هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي  جڏھن ته چونڊ مھم ھلائڻ لاءِ يوسي لوڳي  جي  مختلف ڳوٺن ۾ عوامي رابطا مهم ھيٺ دورا پڻ ڪيا پيا وڃن جتي ڳوٺاڻن کين ڀرپور موٽ ڏيندي سندن شاندار استقبال ڪيو ۽ اجرڪ اوڍائي گلن جي ورکا ڪئي وئي ڳوٺ ماڻڪ لاشاري جاڳڻ نوناري گلاب خان نندواني محمد پنهل جفري امام بخش کوسو نورخان سندراڻي يوسف خان بروهي سيد خان سندراڻي مدد سندراڻي صابر خان جکراڻي حاجي واحد حسين سندراڻي حاجي عبدالخاق کوسو لال بخش کوسو بولو خان هادن خان جعمو خان کوسو سميت ٻين ڳوٺن ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مير عادل خان جکراڻي يوسي لوڳي چئرمين اميدوار مير داد محمد نانا کوسو چيو ته يو سي لوڳي  جو عوام 26 جون تير تي ٺپو هڻي پ پ جي نامزد ٿيل سمورن اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائيندا، ھن ميڙاڪي مان يوسي لوڳي  جي عوام ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ته يوسي لوڳي  جو عوام پ پ سان گڏ آھي پاڪستان پيپلز پارٽي يوسي لوڳي  جي ھر ھڪ ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايا آھن،عوام ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندو، مير داد محمد نانا کوسو وڌيڪ چيو ته اسان جا مخالف اليڪشن ظاهر ٿيندا آهن، اسان عوام سان ڏک سک ۾ هميشه ڏک هوندا آهيون،ان ڪري باشعور عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته اهي پ پ جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن، ان موقعي تي يار محمد کوسو عبدالوحد  کوسو دلدار خان کوسو  ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

  • يوسي امن راڄپر ۾پ پ اميدوارن جا دورا، شاندار استقبال

فيض گنج (ن ع آ)  يونين ڪائونسل امن راڄپر ۾ پيپلز پارٽي طرفان مختلف ڳوٺن جا دوار،  بيريسٽر شيراز شوڪت راڄپر ۽ يوسي امن جي  نامزد ڪيل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اميدوار نادر شوڪت راجپر ۽ نامزد چيئرمين اميدوار مجيب الرحمان راڄپر جي مختلف ڳوٺن ۾ طوفاني دورا، عوام طرفان ھر جڳھ تي شاندار استقبال، گلن جي ورکا ڪري شاندار آجيان ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ بيريسٽر شيراز شوڪت راڄپر پاران مختلف ڳوٺن ۾ طوفاني دورا ڪيا، عوام طرفان ڀرپور ساٿ جو وچن، ان موقعي تي پيپلزپارٽي پارٽي طرفان نامزد اميدوارن ۽ ٻيا سوين پارٽي ورڪر ۽ عهديدار ساڻن گڏ هئا،  شيراز شوڪت راڄپر جو چوڻ ھوته مخالف شڪست ڏسي وقت کان اڳ ۾ ئي اجائي واويلا ڪري رھيا آھن، پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آھي ۽ اسان عوام جي خدمت تي يقين رکئون ٿا، اسان پنھنجي تڪ  ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن ۽ اڳتي به عوام جي خدمت جاري رکندا سين.

  • سڪرنڊ ۾ مڪاني چونڊون، اميدوارن پاران عوام ڏانهن ڊوڙون

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ ۾ بلدياتي اليڪشن ۾  بيٺل اميدوار پنھنجو پاڻ کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ وارڊ ۾ ووٽرن در در ورڪ تيز ڪري  ڇڏي  مٺل رند ۽ سجاد رند پاران   پ پ  جو نامزد اميدوارا نور احمد رند جي حمايت ۾ ڪارنر گڏجاڻي رکي وئي جنھن ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ ايڊوڪيٽ سڪندر حيات رند غلام شاھ لغاري رئيس عدنان رند علينوز چانڊيو الله ڏتو رند رئيس فيضان رند  پھتا ته سندن ڀرپور استقبال ڪيو ويو ۽ گلن جي ورکا ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته پيپلزپارٽي ھميشہ  بي روزگارن کي روزگار ڏنو آھي نور احمد رند چيو ته مان اڳ  به پھنجي وارڊ جي عوام جي خدمت ڪئي آھي ۽ ھاڻ   به  ڀرپور خدمت ڪندس ايڊوڪيٽ سڪندر حيات چيو ته پيپلزپارٽي سان منھجو جئيڻ مرڻ آھي اسان پارٽي ۾ رھي ھميشہ عوام جي خدمت ڪئي آھي ۽ وارڊ جي ماڻھن عزت ڏيندي پيپلزپارٽي جي نامزد ڪيل اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو آهي ۽ ھيئنر به ڪاميابي ڪرائي مخالفن جي ضمانت ضبط ڪندا  جڏھن ته  مظھر سولنگي ڪمپئرنگ ڪندي ماڻھن جو من موھي وڌو ان موقعي تي الله نواز رند غلام سرور رند فيض محمد رند انور ڪوري موجود ھيا.

  • شادي پلي ۾ پ پ سان جي يو آءِ جو مقابلو

شادي پلي ( ن ع آ) شادي پلي ۾ مڪاني چونڊ ويجهو ايندي ئي سياسي صورتحال دلچسپ ٿيندي پئي وڃي.ٽائون ڪاميٽي وارڊ هڪ تي پ پ سان مقابلي لاءِ جي يو آءِ پاران نامزد اميدوار اصغر ڪنڀار سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن.هن شهر جي مختلف پاڙن راهو پاڙو، مسجد ڪالوني،ملڪ پاڙو، قريشي پاڙي سميت مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون. گڏجاڻين کي خطاب ڪندي اصغر ڪنڀار چيو ته آئون شادي پلي ٽائون ڪميٽي وارڊ هڪ تي جي يو آءِ جي پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ بيٺو آهيان، شهر  ۾  گذريل وڏي عرصي کان ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن، گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن،گٽر نالا هنڌان هنڌان ٽٽي تباهه ٿي ويا آهن ۽ شهر جون ڪچيون گهٽيون به نه ٺهي سگهيون آهن. هن چيو ته اڳ هتان چونڊيل نمائندن شهر جي تعمير ۽ ترقي لاٰءِ ڪجھ به نه ڪيو ان ڪري شادي پلي شهر کنڊر بڻجي ويو آهي، جنهن سبب پاڙي وارن ۽ دوستن جي صلاح مشوري سان اليڪشن وڙهي رهيو آهيان،  انشاء الله عوامي طاقت سان اليڪشن کٽڻ بعد اعوامي مسئلن کي ترجيحي بنياد تي حل ڪرڻ لاءِ هميشه  ڪوشان رهندس. هن چيو ته اليڪشن ۾ بيهڻ جو مقصد غريب عوام جي خدمت ڪرڻ آهي . هن شادي پلي واسين کي اپيل ڪئي ته 26 جون تي ڪتاب تي ٺپو هڻي مون کي ڪامياب ڪري خدمت جو موقعو ڏيندا.ان موقعي ولي محمد ڪنڀار،يار محمد ڪنڀار،رجب ڪنڀار ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

  • مٺي ۾ سياسي صورتحال تبديل،پي ٽي آءِ اميدوار پ پ جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

مٺي (بيورو چيف) مٺي تعلقي جي يوسي مٺڙيو ڀٽي جي سياسي صورتحال تبديل ٿي وئي، پي ٽي آءِ ارباب گروپ پاران چيئرمين لاءِ نامزد اُميدوار ستيڏان سنگهھ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي سانملاقات ڪري پ پ اُميدوار شوڪت هڱورجو جي حق ۾ رٽائر ٿيڻ بعد پ پ ۾ شموليت ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ اُميدوار جي رٽائر ٿيڻ بعد ڄاڻايل يوسي تي بيٺل پ پ اُميدوار شوڪت هڱورجو بنا مقابلي چيئرمين طور ڪامياب ٿي ويو ٽي آءِ ارباب گروپ جي رٽائر ٿيل اُميدوار ستيڏان سنگھه جي پ پ ۾شموليت وقت پ پ اڳواڻ دادن هڱورجو، ُشيل ملاڻي،سوائي سنگهھ، ڊاڪٽر مهيش جوشي، ڀيرولال مهراج، الجي ٺڪر،سراج سومرو،عطاءُ الله دل،ديپڪ شرما ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.