جهڏي ۾ پاڻي جو بحران، پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف ڌرڻُو

جهڏو (ن ع آ) جهڏي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو. شهر جي مختلف علائقن حاجي عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، عابد ڪالوني، غلام حسين ڪالوني، سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي.هوڏانهن پبلڪ هيلٿ واٽر سپلاءِ انتظاميا جي ظلم خلاف متاثر شهري روڊن تي نڪري آيا. شهرين علي احمد رند، لالا غلام رسول دراني، اڪبر آرائين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري اسٽيشن روڊ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن  پبلڪ هيلٿ عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته ڄاڻايل علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ڪيترن ئي ڏينهن کان مڪمل طور بند آهي، واٽر سپلاءِ انچارج جي هٺ ڌرمي سبب اسان شديد گرمي ۾ پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهيون. هنن چيو ته هن وقت جمڙائو ڪئنال ۾ پاڻي هلي پيو ۽ واٽر سپلائي جا تلاءُ پاڻي سان ڀريل آهن، پاڻي جو اسٽاڪ موجود هئڻ باوجود واٽر سپلاءِ انچارج اسان جي علائقن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته واٽر سپلاءِ انتظاميا ٽينڪر مافيا سان ملي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ شهري مجبوري ۾ پاڻي جو في ٽينڪر پندرهن سئو کان ٻه هزار رپين عيوض خريد ڪري استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته غريب طبقو پاڻي جي حاصلات لاءِ سڄو ڏينهن در در ڀٽڪڻ تي مجبور آهي. هنن چيو ته واٽر سپلاءِ انتظاميا شديد گرمي ۾ اسان جي علائقن جو پاڻي بند ڪري اسان کي پاڻي لاءِ تڙپائي رهي آهي، جنهن سبب اسان سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون.هنن ڪمشنر ميرپورخاص، ڊي سي ميرپورخاص سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نااهل واٽر سپلاءِ انچارج کي هٽائي پاڻي فراهمي بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.