کپري ۾پاڻي فراهمي روڪڻ خلاف شهرين جو احتجاج

کپرو (ن ع آ) کپري جي راشديه ڪالوني ۽ عزيز ڪالوني ۾ پاڻي جي فراهمي نه پهچڻ خلاف شھرين حاجي آصف جٽ، شوڪت جٽ ۽ اشرف جٽ جي اڳواڻي ۾کپرو واھ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته راشديه ۽ عزيز ڪالوني ۾ ڪافي عرصي کان واٽر سپلاءِ انتظاميا جي لاپرواهي سبب پاڻي نه ٿو پهچي، علائقي جا رهواسي پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپڻ لڳا، ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. ، شھري پري پري کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھن هنن ڊي سي سانگهڙ ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او جهانزيب بابر کان مطالبو ڪيو ته راشديه ڪالوني ۽ عزيز ڪالوني ۾پاڻي ڏئي شھرين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.