خانپور ۾ ناري پسند پرڻو ڪري ڇڏيو، الزام هيٺ آيلن جو احتجاج

خانپورمهر (  ن ع آ ) خانپورمهر لڳ ڳوٺ مينهون ميتلو مان ناري حليمان ڌي بخش علي  ميتلو جي مبينا اغوا واري الزام هيٺ آيل نوجوان رمضان ميتلو جي وارثن خميسو، مسمات سبحانه، نجمه ميتلو ۽ ٻين احتجاج  ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي مٿان ناري حليمان ميتلو جي اغوا جا الزام ڪوڙا آهن ناري پنهنجي مرضي سان اسان جي نوجوان رمضان ميتلو  سان سکر عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي نڪاح نامو پڻ خانپورمهر ٿاڻي تي پهچايو آهي، حليمان اسان جي نوجوان رمضان جي مڱيندي هئي جنهن کي لالچي پي ٻئي هنڌ وڪرو ڪرڻ پئي چاهيو جنهن سبب ناري حليمان گهران نڪري اسان جي نوجوان سان عدالتي پرڻو ڪيو آهي اسان جي مٿان ناري جي اغوا جا ڪوڙا الزام هڻي اسان جي گهرن تي پوليس چڙهائي ڪرائي وئي اسان جا ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.