سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ کي تباهيءَ کان بچائڻ جي ضرورت

تحرير: الياس سمون

سمنڊ کي مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري ھڪ طرف کان سامونڊي پاڻي تيزيءَ سان زرخيز زمينون بنجر بڻائي تباهه ڪري رھيو آھي ته ٻئي طرف کان سمنڊ چاڙهه ڪري تيزيءَ سان آس پاس جي ڳوٺن کي پڻ تباهه ڪري رھيو آھي، ڪجهه عرصي دوران لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، سامونڊي پٽي تان ھزارين خاندانن لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، سمنڊ جي تيزيءَ سان لاڳيتي چاڙهه ماحوليات تي پڻ خراب اثر ڇڏيا آهن، صورتحال ان حد تي وڃي پهتي آهي ته ھاڻي ته موسميات کاتي کي به خبر نٿي پوي ته سمنڊ ۾ ڇا ٿي رھيو آھي ھر وقت الرٽ رھڻو ٿو پوي. ھن وقت ته سنڌ جي سامونڊي پٽي ڊزاسٽر زون بڻجي چڪي آهي، ڪنھن مهل ڇا ٿو ٿئي ڪا به خبر نه ٿي پوي، جنهن ڪري هتي هر وقت خوف جي حالت قائم آهي، ڪافي سالن کان سنڌ جي سمنڊ جو رخ بدلجي ويو آهي، موسمياتي تبديلي ايندي پئي ٻڌجي پر ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ٿئي ڪجهه ڪونه ٿو.

هاڻي ته سامونڊي پٽيءَ ۾ ڪافي سالن کان نيشنل ۽ انٽرنيشنل اين جي اوز به لٿل آهن، سنڌ سرڪار به ڪافي سالن کان ڪلائيمينٽ چينج جي نالي تي ڪاغذن ۾ ڪروڙين روپيا خرچ پئي ٻڌائي، پر ڪم ڪو به ٿيندي نظر نٿو اچي، سامونڊي پٽي جي ڏينهون ڏينهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي، هڪ طرف سامونڊي پاڻي جي اٿل پٿل ۾ تيزي اچڻ ڪري فشنگ بند ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ماھگير طبقو روزگار خاطر سخت پريشان آهي ته ٻئي طرف ڪجهه ڏينھن کان سمنڊ جي مسلسل تيز ويرن سڄي سامونڊي پٽيءَ ڪيٽي بندر، گهوڙاٻاري ۽ کاروڇاڻ جا ڪيترا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن، سمنڊ جي تيز ويرن ڳوٺن جا ڪمزور بچاءَ بند ٽوڙي ڇڏيا، ڳوٺن ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي، جنهن ڪري سوين خاندانن دربدر ٿي سامونڊي پٽيءَ جي مٿانهين ۽ ٻيٽن تي وڃي پناهه ورتي آهي. ڳوٺن ۾ پنجن ڏينهن کان سامونڊي ويرن جو پاڻي داخل ٿي ويو آھي، مسلسل پنج ڏينهن کان سامونڊي چاڙهه ۾ تيزيءَ سان ڪيترائي خاندان بي گهر بڻجي ويا آھن.

سامونڊي پٽي جا ڳوٺ علي بخش جت، خدابخش جت، موسيٰ جت، محمد جت، حاجي ابو جت، حاجي صديق فقيراڻي، احمد جت، لڌو ڀڙج، ابراهيم دبلو، سومار ملاح، آچار گنبواڻي، محمد علي شولاڻي، ميرجت، گلبهار ملاح، ناکو پاتڻي، علي محمد دبلو، علو سوماراڻي، ناٿو ڳنڀر ۽ پريو ملاح سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جا بچاءَ بند ٽٽي ويا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ ڄاڻايل ڳوٺن ۾ 3 فٽ سامونڊي پاڻي بيهجي ويو آهي ۽ متاثر خاندان دربدر ٿي ويا آهن ۽ ٻين سوين ڳوٺن سميت ڪيٽي بندر، سڄڻ واري، کاروڇاڻ شھر سامونڊي ويرن جي ورچڙھي ويا آھن، ڳوٺاڻن جو هنڌ بسترو کاڌي پيتي جون شيون سامونڊي ويرن ۾ لڙھي ويون آھن، 5 ڏينهن کان تيز سامونڊي هوائن لڳڻ سبب سمنڊ جي جوار جو پاڻي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ داخل ٿي رهيو آھي.

ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ گھوڙا ٻاري جي سامونڊي پٽيءَ ۾ ھن وقت سمنڊ جي تيزيءَ سبب سوين ڳوٺن ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي بيٺل آهي، کاروڇاڻ جيڪو ھن وقت ھونئن به تباھيءَ جي ڪناري تي ھو،  رھيل سھيل ڪسر ھن وقت سمنڊ جي تيز لھرن ڪڍي ڇڏي آهي، کاروڇاڻ شهر هن وقت مڪمل طور تي سمنڊ ۾ اندر هليو ويو آهي ۽ هي شهر دنيا جي نقشي تان مٽجي ويو شهر بلڪل سمنڊ لڳو پيو آهي، مقامي ماهيگيرن، ڳوٺاڻن ۽ شھرين موجب سامونڊي ويرن ۾ گهٽتائي اچڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌيڪ تيزي اچي رهي آھي، ڳوٺن ۽ شھرن ۾ جوار جو پاڻي داخل ٿيڻ سبب سوين ماهيگيرن جا خاندان بي يارو مددگار بڻيل آھن، ، انهن وٽ کاڌ خوراڪ ختم ٿي وئي آھي، پر ڪير به ماهيگيرن جي مدد لاءِ ناهي پهتو. هنن افسوس ظاهر ڪندي چيو ته هي اهي ماهيگير آهن، جيڪي مڇيءَ جو شڪار ڪري سڄي ملڪ کي مڇي کارائيندا آهن، اڄ اهي سخت تڪليف ۾ آهن، پاڻيءَ ۾ ڦاٿل هجڻ ڪري سندن ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن، هو ٻاهر نڪرڻ جهڙا به ناهن رهيا، پر ڪير مدد ڪرڻ لاءِ تيارناهي.

علائقي جا چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا اطلاع هجڻ جي باوجود وٽن ناهن پهتا، جنهن ڪري سمنڊ جي ٻيٽن تي آباد سوين خاندان هن وقت دربدر ٿي ويا آهن، سمنڊ ۾ تيزيءَ سبب وٽن سھولتون ناھن انتظاميه کي اطلاع ڏنو آھي پر 5 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪير به نه پھتو آهي.

نيشنل ٽريڊ يونين آف فيڊريشن جي اڳواڻ ڪامريڊ ناصر منصور فشر فوڪ اڳواڻ ياسمين شاهه خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سامونڊي چاڙهه کي روڪڻ جو ھڪ اهو حل آھي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان 10 ايم اي ايف پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان سامونڊي چاڙهه ۾ گهٽتائي ايندي ۽ سامونڊي گدلاڻ به گهٽجي ويندي. پر جيڪڏهن ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته چند سالن اندر سمنڊ تيزيءَ سان اڳتي وڌي اچي وڌيڪ تباهي ڪندو.

1994ع کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي ضرورت موجب نه پيو اچي، جنھن سبب سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي 35 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، سڄي سامونڊي پٽيءَ ۾ جر مڪمل طور تي کارو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ھزارين قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا سڪي سڙي ختم ٿي ويا آهن، سمنڊ مان مڇيءَ جا نسل ناياب ٿي ويا آهن، سوين قسمن جا پکي، جيت ۽ جانور ختم ٿي ويا آهن، انسانن جي لڏپلاڻ تيزيءَ سان جاري آهي، ھزارين خاندانن علائقي کي الوداع ڪري ڇڏيو آھي، ھلندڙ وقت ۾ پڻ لڏپلاڻ ٿي رھي آھي، جيستائين سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي نٿو اچي، تيستائين تباھيءَ کي ڪير به نٿو روڪي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.